اسلام آباد (بيورو رپورٽ) موسميات کاتي برساتن ۽ برفباريءَ جي اڳتي ڪري ڇڏي. پڌرائي مطابق 30 جنوري کان مغربي هوائن جو ڪمزور سسٽم ملڪ جي اترين علائقن ۾ داخل ٿيندو. 31 جنوري کان پهرين فيبروريءَ دوران بلوچستان جي اترين ضلعن ۾ برفباري ۽ مينهن جو امڪان آهي. 31 جنوري کان 3 فروري تائين ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ بالائي خيبر پختونخوا ۾ تيز هوائن سان برسات، پهرين کان 3 فيبروريءَ تائين اسلام آباد، راولپنڊي ۽ پوٺهويار ۾ تيز هوائن سان گڏ برسات، مري ۽ گليات ۾ برفباري ۽ مٿانهين علائقن ۾ لينڊ سلائيڊنگ جو امڪان آهي. موسمات کاتي سڀني لاڳاپيل ادارن کي الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي آهي.
صدر زرداري عرب امارات جي دوري بعد واپس پهچي ويو
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر آصف علي زرداري متحده عرب امارات جو چار ڏينهن سرڪاري دورو مڪمل ڪري وطن واپس پهچي ويو. دبئي ايئرپورٽ تي صدر آصف علي زرداريءَ کي رياست جي وزير عبدالرحمن بن محمد الاويس، متحده عرب امارات ۾ پاڪستان جي سفير، پاڪستان ۾ متحده عرب امارات جي سفير ۽ دبئي ۾ پاڪستان جو قونصل جنرل رخصت ڪيو. دورو دوران صدر آصف علي زرداري متحده عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان ۽ وزير اعظم شيخ محمد بن راشد المڪتوم سميت اهم ملاقاتون ڪيون. ملاقاتن ۾ ٻطرفي تعلقن ۽ اقتصادي شراڪتداري سميت ٻين معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. دفاع، سيڪيورٽي ۽ عوامي رابطا شعبن ۾ پيش رفت تي به ڳالهيون ٿيون.