| بلوچستان ۾ غلطين جو ازالو ڪيو وڃي: ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ |
تربت(م ڊ) نيشنل پارٽي جي مرڪزي صدر اڳوڻي وزيراعليٰ بلوچستان ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ ۽ اڳوڻي مرڪزي سيڪريٽري جنرل سينيٽر جان محمد بليدي تمپ ۽ تربت آپسر جي ڪائونسلن کي خطاب ڪندي چيو ته بلوچستان جي حقيقي قومپرست قيادت خلاف رياستي ادارن پاران مصنوعي قيادت پيدا ڪري سياسي ۽ جمهوري عمل کي متاثر ڪيو ويو، جنهن سبب بلوچ سماج بدامني جو شڪار ٿيو آهي، هنن چيو ته بلوچستان ۾ جاري بدامني جا سبب غلط رياستي پاليسيون ۽ حڪمت عمليون آهن. انهن زور ڏنو ته امن لاءِ غلطين جو سلسلو بند ڪري قومي مفاهمتي پاليسي اختيار ڪئي وڃي ۽ ڳالهين جو رستو کوليو وڃي.هنن تجويز ڏني ته هڪ قومي مفاهمتي ڪميشن قائم ڪئي وڃي ۽ بلوچستان جي سياسي جماعتن کي سياسي جاءِ ڏني وڃي ته جيئن سياسي حل ذريعي مسئلن کي حل ڪري سگهجي.اجلاس ۾ ٻين اڳواڻن ۾ ڊاڪٽر نور زمان، جسٽس(ر) شڪيل احمد، واجد بلوچ، فدا حسين دشتي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.