| بلوچستان ۾ فائرنگ، پوليس اهلڪار سميت 2 ڄڻا مارجي ويا، 3 زخمي |
شھدادڪوٽ (رپورٽ: امير علي مڱڻهار) بلوچستان جي شھر پنجگور ۾ نامعلوم هٿياربندن بازار ۾ فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ پوليس اھلڪار دودا خان ۽ شھري امان الله مارجي ويا، جڏهن ته 2پوليس اهلڪار ۽ هڪ شهري زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، پوليس موجب حملو ڪندڙ جوابدارن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي، شهر جي داخلي ۽ خارجي رستن تي ناڪابندي ڪئي وئي آهي.