| بلوچستان ۾ فائرنگ دوران جي يو آءِ اڳواڻ قاري محمد اعظم قتل |
شهدادڪوٽ(رپورٽر) بلوچستان ۾ فائرنگ دوران جي يو آءِ اڳواڻ قاري محمد اعظم قتل، چمن واري علائقي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ جمعيت علماءِ اسلام جو ضلعي اڳواڻ مولانا قاري محمد اعظم قتل ٿي ويو، پوليس موجب ته واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي، مقتول جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو .