بلوچستان ۾ مبينا طور پراڻي دشمني تان فائرنگ، 4 ڄڻا قتل

 بلوچستان ۾ مبينا طور پراڻي دشمني تان فائرنگ، 4 ڄڻا قتل

شھدادڪوٽ(رپورٽر) بلوچستان قلات جي خالق آباد ڀرسان نامعلوم ھٿياربندن گوليون هڻي 4 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيا، مارجي ويلن جي سعيدالله لانگو، خيرالله، مولابخش ۽ محمد طاهر لانگو طور سڃاڻپ ڪئي وئي، پوليس جو چوڻ هو ته واقعو پراڻي دشمني لڳي رهيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.