| بلوچستان ۾ مبينا مقابلو، 2 ڄڻا مارجي ويا |
شھدادڪوٽ (رپورٽ: امير علي مڱڻهار) بلوچستان جي شھر تربت ۾ ايم 8 هاءِ وي تي ايف سي پاران ھڪ شڪي گاڏي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، گاڏي ۾ ويٺل ماڻھن پاران ايف سي فورس تي فائرنگ ڪري ڏني، جوابي فائرنگ ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا، ايف سي ترجمان موجب مارجي ويلن جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا، لاشن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي.