| بلوچستان ۾ هميشه کان ويڙهه جاري آهي: سرفراز بگٽي |
جيڪب آباد (رپورٽر) بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي چيو ته بلوچستان ۾ هميشه کان ويڙهه جاري آهي، هن وقت ڪنهن حد تائين بهتري آئي آهي، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ هڪ انچ به پوئتي نه هٽنداسين، پيپلزپارٽي هميشه دهشتگردي خلاف جنگ جي اڳواڻي ڪئي، جنهن سبب اسان جي ليڊر محترمه شهيد بينظير ڀٽو دهشتگردي خلاف جنگ ۾ شهيد ٿي ۽ ڪيترائي ڪارڪن به شهيد ٿيا آهن، اهڙن خيالن جو اظهار هن جيڪب آباد ۾ اڳوڻي ايم اين اي بابل جکراڻي جي لاڏاڻي تي سندس پٽ ايم اين اي مير اعجاز حسين جکراڻي خالد نواز جکراڻي آزاد جکراڻي سان تعزيت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، ان موقعي تي مسلم ليگ ن جو پارلياماني ليڊر ۽ صوبائي وزير مير سليم خان کوسو ايم پي اي عبدالمجيد باديني ۽ ٻيا اڳواڻ ساڻس موجود هئا هن وڌيڪ چيو ته آمريڪا ايران جنگ جو اثر سموري ريجن تي پيو آهي پاڪستان خاص ڪري بلوچستان ته ايران جا پاڙيسري آهن جنھن سبب وڌيڪ اثر پيو آهي هن وڌيڪ چيو ته وزيراعظم شهباز شريف، صدر آصف علي زرداري ۽ خاص ڪري فيلڊ مارشل جنرل عاصم منير پنهنجو ڪردار ادا ڪري جنگبندي ڪرائي جنهن سان پاڪستان جو متاثر ٿيل ساک بحال ٿيو، هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته بلوچستان ۾ تيل جي شين جا اگهه فڪس ناهن ڪيا ويا باقي بارڊر ايريا تي اگهن ۾ ڦيرڦار هوندي آهي بلوچستان جي ٻين علائقن ۾ ملڪ جي ٻين حصن جيان پيٽرول جا اگهه ساڳيا مقرر ٿيل آهي هن وڌيڪ چيو ته اڳوڻو ايم اين اي بابل جکراڻي جون خدمتون ياد رکيون وينديون، اسان هڪ بهترين سياستدان سميت قبيلائي شخص کان محروم ٿي ويا آهيون.