بلوچستان ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، 2 ڄڻا قتل

بلوچستان ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، 2 ڄڻا قتل

شهدادڪوٽ(رپورٽ: امير علي مڱڻهار) بلوچستان جي علائقي پنجگور ۾ نامعلوم هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 ڄڻا قتل ٿي ويا، اطلاع تي حد جي ليويز پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتولن جا لاش کڻائي پنجگور اسپتال منتقل ڪيا، ليويز پوليس موجب هٿياربندن هٿان قتل ٿي ويل ٻنهي ڄڻن جي سڃاڻپ ظفر ولد استاد محمد علي ۽ نعيم ولد حاجي اعظم طور ٿي آهي، ليويز پوليس موجب ته واقعي بعد ٻن ڄڻن کي قتل ڪرڻ بعد هٿياربند فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا آهن.