| بلوچستان ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 3 ڄڻا قتل، هڪ زخمي |
شھدادڪوٽ (رپورٽ: امير علي مڱڻهار) بلوچستان شھر پنجگور جي ڪاٽاگري ڀرسان نامعلوم ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا، ھڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش ۽ زخمين کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، اسپتال ۾ مارجي ويلن جي سڃاڻپ زاھد، جاسم، سيف الله ۽ زخمين ۾ قدوس پٽ ملنگ طور ڪئي وئي آهي، پوليس موجب واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.