بلوچستان ۾ هٿياربند حملا، عورت سميت 3 ڄڻا قتل

مَي 31, 2023

شھدادڪوٽ/باهو کوسو (نمائندن وٽان) بلوچستان ۾ مختلف هنڌن تي فائرنگ جي واقعن ۾ عورت سميت 3 ڄڻا قتل، هڪ عورت سخت زخمي،

جھل مگسي جي ڳوٺ بنگلاڻي ۾ پراڻي تڪرار تان ھٿياربندن حملو ڪري فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 29 سالن جي مسمات مريم زال محمد حسن مگسي قتل ٿي وئي.

اوستا محمد جي حد ڳوٺ رضا محمد دشتي ۾ جوابدار عبدالغني دشتي ڪارنھن الزام ھيٺ پسٽل جا فائر ڪري نوجوان داد محمد دشتي کي قتل ڪري ڇڏيو. مسمات نجم خاتون دشتي زخمي ٿي پئي.

ڊيرامراد جمالي جي صدر ٿاڻي جي حد مال جي پڙي ۾ نامعلوم موٽرسائيڪل سوار ھٿياربندن فائرنگ ڪري واپاري الله بخش شر کي گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو.

Leave A Comment