بلوچستان ۾ وڏي دهشتگردي، ڪوئيٽا، گوادر، پسني، خضدار سميت 12 شهرن تي حملا، ٻن خاندانن جا 18 ڀاتي، 10 اهلڪار شهيد، 92 دهشتگرد مارجي ويا، 27 قيدي فرار

  بلوچستان ۾ وڏي دهشتگردي، ڪوئيٽا، گوادر، پسني، خضدار سميت 12 شهرن تي حملا، ٻن خاندانن جا 18 ڀاتي، 10 اهلڪار شهيد، 92 دهشتگرد مارجي ويا، 27 قيدي فرار

ڪوئيٽا/راولپنڊي(م ڊ) فتنته الهندستان جي دهشتگردن ڪوئيٽا، گوادر، نوشڪي، دالبدين، پسني سميت صوبي جي 12 شهرن ۾ حملا ڪري هڪ خاندان جي 5 ڀاتين ۽ 10 سيڪورٽي ۽ پوليس اهلڪارن کي شهيد ڪري ڇڏيو، فورسز حملا ناڪام بنائيندي 92 دهشتگرد ماري ڇڏيا. 48 ڪلاڪن ۾ مارجي ويل دهشتگردن جو تعداد 108 ٿي ويو. عالمي ميڊيا ادارن 18 شهرين جي شهيد ٿيڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. سيڪيورٽي ذريعن موجب گذريل رات فتنته الهندستان جي دهشتگردن بلوچستان جي 12 مختلف هنڌن تي بزدلانه حملا ڪيا جنهن کان پوءِ سيڪيورٽي فورسز ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن طرفان وقت تي موثر ڪارروائي جي نتيجي ۾ اهي سمورا حملا ناڪام بنايا ويا. ذريعن ٻڌايو ته انهن دهشتگرد ڪارروائين ۾ هينئر تائين فتنته الهندستان جا 67 دهشتگرد مارجي ويا آهن جڏهن ته سيڪيورٽي ادارن ۽ پوليس جا 10 جوان به ڌرتي ۽ عوام جي حفاظت لاءِ وڙهندي شهيد ٿي ويا. سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته مختلف لوڪيشنز تي دهشتگردن جو تعاقب ۽ انگيجمنٽ جو سلسلو اڃا تائين جاري آهي انهي ڪارروائين جي نتيجي ۾ وڌيڪ دهشتگردن جي مارجي وڃڻ ۽ نقصانن جا به اطلاع آهن. حملن ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ پوليس جي 10 شهيدن کان علاوه فتنته الهندستان جي دهشتگردن گوادار ۾ خضدار سان تعلق رکندڙ هڪ بلوچ مزدور خاندان جي 11 ڄڻن کي به شهيد ڪري ڇڏيو جنهن ۾ هڪ عورت کان علاوه 3 ٻار به شامل آهن. سيڪيورٽي فورسز طرفان دهشتگردن جو تعاقب ڪندي آپريشنز ۽ فضائي نگراني جو سلسلو جاري آهي. سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته اهڙين دهشتگردانه ڪارروائين جي دوران هندستاني ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا جي فتنته الهندستان جي مڪمل سپورٽ ٻنهي جي ڳٺ جوڙ کي وڌيڪ ظاهر ڪري ٿي. قانون لاڳو ڪندڙ اداري گذريل 48 ڪلاڪن ۾ بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ 41 دهشتگرد اڳ ئي ماريا هئا جنهن سان مارجي ويل دهشتگردن جو انگ 108 ٿي ويو آهي. بي بي سي موجب حملن ۾ 18 شهري به مارجي ويا، پر اختيارين اڃا تائين سرڪاري طور تي ان جي تصديق نه ڪئي آهي. هڪ مقامي پوليس اهلڪار موجب خاران ۾ ملازئي نيشنل الائنس جي چيئرمين مير شاهد گل ملازئي جي گهر تي حملي ۾ شاهد گل سميت ست ماڻهو پنهنجيون جانيون وڃائي ويٺا. گهر ۽ ڪار کي به باهه ڏني وئي. گوادر ۾ حملي ۾ خضدار جي هڪ خاندان جا 11 ڀاتي مارجي ويا، جن ۾ ٽي عورتون ۽ ٽي ٻار شامل آهن. بي بي سي مطابق ڪوئيٽا ۾ ڇنڇر تي صبح 6 وڳي کان پوءِ حملا شروع ٿيا ۽ دهشتگردن سرياب روڊ ۽ هزارگنجي کان ريڊ زون جي ويجهو ايڌي چوڪ تائين حملو ڪيو. ايڌي چوڪ تي هڪ زوردار ڌماڪو پڻ ٿيو. مستونگ جيل تي حملي دوران 27 قيدي جيل مان فرار ٿي ويا. پسني ضلعي ۾ ميري ٽائيم سيڪيورٽي ايجنسي جي آفيس تي هڪ عورت خودڪش بمبار جي حملي جي به خبر پئي آهي، جيتوڻيڪ اختيارين نقصان جا تفصيل فراهم نه ڪيا آهن. مچ ضلعي ۾ هڪ پوليس آفيسر ۽ هڪ مقامي صحافي جي مطابق، ماڻهن کي پنهنجا گهر نه ڇڏڻ جو مشورو ڏنو ويو آهي ۽ ان حوالي سان مسجدن ۾ اعلان ڪيا ويا آهن.پابندي مڙهيل عليحدگي پسند گروپ بلوچستان لبريشن آرمي (بي ايل اي) هڪ بيان جاري ڪيو هو جنهن ۾ هن حملن جي ذميواري قبول ڪئي هئي، ان کي ‘آپريشن هيرو’ جو ٻيو مرحلو قرار ڏنو هو.
 

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف بلوچستان ۾ امن کي پيش ايندڙ خطرن جي خلاف سيڪيورٽي فورسز جي موثر ڪارروائين تي کين خراج تحسين پيش ڪيو آهي. صدر آصف علي زرداري فتنته الهندستان جي دهشتگردن طرفان ڪيترن ئي هنڌن تي ڪيل دراندازي جي ڪوشش کي ناڪام بنائڻ تي پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي پيشه وارانه مهارت جي تعريف ڪئي. هن شهادت ماڻيندڙ سيڪيورٽي اهلڪارن ۽ بي گناهه شهرين کي خراج عقيدت پيش ڪندي شهيدن جي ايصال ثواب لاءِ دعا ڪئي ۽ وارثن جي لاءِ به صبر جي دعا ڪئي. صدر چيو ته بلوچستان جي امن، شهرين جي تحفظ ۽ قومي وحدت تي ڪوبه سمجهوتو نه ڪيو ويندو. رياست ٻاهرين سرپرستي ۾ سرگرم دشمن عناصر ۽ انهن جي سهولتڪارن خلاف پوري طاقت ۽ يڪجهتي سان ڪارروائي جاري رکندي. وزيراعظم شهباز شريف به فتنته الهندستان طرفان بلوچستان جي  امن کي نشانو بنائڻ جي ناڪام ڪوشش کي ناڪام بنائڻ ۽ دشمن جي ارادن کي خاڪ ۾ ملائڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ جوانن جي تعريف ڪئي آهي. وزيراعظم ڪوئٽه، نوشڪي، دالبدين، پسني ۽ گوادر ۾ 12 هنڌن تي فتنته الهندستان جي منظم حملن کي ناڪام بنائڻ ۽ درجنين دهشتگردن جي مارجي وڃڻ سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي پيشوارانه صلاحيتن جي تعريف ڪئي.