| بلوچستان ۾ ٻن گاڏين ۾ زوردار ٽڪر: 4 ڄڻا فوت ٿي ويا |
شھداڪوٽ (رپورٽ: امير علي مڱڻهار) بلوچستان جي شھر وڍ ڀرسان ڪلھ شام ٻن مزدا گاڏين ٽڪر جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فدا حسين بلوچ ۽ امداد ٿڏي تي فوت ٿي ويا ھئا جڏھن ۽ 2 ڄڻا نثار احمد ۽ فضل الله زخمي ٿي پيا جن کي خضدار جي ٽراما سينٽر منتقل ڪيو ويو ھو جتي زخمن جا سور نه سھندي ٻئي ڄڻا ھن وقت فوت ٿي ويا آھن جڏھن ته پوليس موجب حادثو تيز رفتاريء سبب پيش آيو آھي .