| بلوچستان ۾ پوليس جي ڪارروائي، ڏوهارين جو 15 رڪني ٽولو گرفتار |
شهدادڪوٽ (رپورٽ: امير علي مڱڻهار) بلوچستان جي نصيرآباد ضلعي ۾ پوليس ڦرلٽ، قتل ۽ ٻين سنگين ڏوهن ۾ ملوث ٽولو گرفتار ڪري ورتو. ان باري ۾ ڊي ايس پي جان محمد کوسا، ايس ايڇ او غلام سرور مينگل، سي آءِ اي انچارج عبدالعزيز سولنگي، حفيظ الله ابڙو ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڪچي پوليس نصيرآباد ضلعي جي ڪچي جي علائقي ۾ نيشنل هاءِ وي تي ڦرلٽ، قتل ۽ سنگين واقعن ۾ ملوث شڪي ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪندي شڪي ماڻهو گرفتار ڪري ڪلاشنڪوف ۽ ٻيا هٿيار هٿ ڪري ورتا ۽ چوري ٿيل موٽرسائيڪلون هٿ ڪيون ويون. جوابدارن ۾ اصغر عرف مٺو پٽ عبدالغفور ابڙو، محمد هاشم پٽ محمد مريد ماڇي، عبدالرحمان پٽ محمد ايوب، محمد هاشم پٽ عبدالمجيد، جهانزيب پٽ محمد بقا، سهراب، مولا بخش، شاهزيب، عمران پٽ نظام الدين ابڙو، شاهجو گويا، بابل ابڙو، ساجد ابڙو، ظفر ابڙو ۽ حڪيم ابڙو شامل آهن.