بلوچستان ۾ پوليس ٿاڻن تي حملا، هڪ اهلڪار شهيد، 5 زخمي، دهشتگرد مارڻ جي دعويٰ

بلوچستان ۾ پوليس ٿاڻن تي حملا، هڪ اهلڪار شهيد، 5 زخمي، دهشتگرد مارڻ جي دعويٰ

ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان جي ٻن مختلف علائقن ۾ پوليس اسٽيشنن تي حملن ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ پوليس اهلڪار مارجي ويو ۽ پنج زخمي ٿي پيا. سرڪاري عملدارن جو دعويٰ آهي ته حملي کي ناڪام بڻايو ويو ۽ پوليس جي جوابي ڪارروائي ۾ هڪ حملو ڪندڙ مارجي ويو. ڪچي ضلعي جي علائقي ڍاڍر ۾ هڪ پوليس اسٽيشن تي حملو ڪيو ويو. پوليس آفيسر سهيل احمد ٻڌايو ته وڏي تعداد ۾ هٿياربندن پوليس اسٽيشن تي حملو ڪيو. هڪ پوليس اهلڪار مارجي ويو ۽ چار زخمي ٿيا، جڏهن ته پوليس آفيسرن جي جوابي ڪارروائي ۾ هڪ حملو ڪندڙ به مارجي ويو. پوليس آفيسر موجب حملي ۾ پوليس اسٽيشن جي ٻاهران بيٺل گاڏين کي به نقصان پهتو. جڏهن ته نوشڪي ضلعي جي علائقي مال ۾ پوليس اسٽيشن تي حملو ڪي ويو جنهن۾ 30 هٿياربندن حصو ورتو هڪ پوليس اهلڪار معمولي زخمي ٿيو. پوليس عملدارن چيو ته جوابي ڪارروائي جي ڪري حملي آور پوليس اسٽيشن ۾ داخل نه ٿي سگهيا. بلوچستان جي گهرو کاتي جي ترجمان بابر يوسف زئي چيو ته اسان جي سيڪيورٽي فورسز بروقت ۽ اثرائتي ڪارروائي ڪندي حملي کي ڪاميابي سان ناڪام بڻايو شدت پسندن رات جي اونداهي جو فائدو وٺندي حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.