بلوچستان ۾ پي ڊي ايم ترجمان حافظ حمدالله 10 ساٿين سميت حملي ۾ زخمي: سياسي قيادت پاران مذمت

سيپٽمبر 14, 2023

ڪوئيٽا(پنهنجي ڊيسڪ) بلوچستان ۾ پي ڊي ايم ترجمان حافظ حمدالله 10 ساٿين سميت حملي ۾ زخمي ٿي پيو،  سياسي قيادت پاران مذمت ڪئي وئي

بلوچستان جي علائقي مستونگ ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ پي ڊي ايم ترجمان حافظ حمد الله سوڌو 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا، انتظاميا جو چوڻ آهي ته حافظ حمد الله جلسي ۾ شرڪت لاءِ منگوچر وڃي رهيو هو ته گاڏي ڀرسان ڌماڪو ٿيو

حافظ حمد الله سميت ساٿين کي مستونگ اسپتال پهچايو ويو، جٿان کيس ڪوئيٽا اسپتال منتقل ڪيو ويو،  ڊاڪٽرز پاران حافظ حمد الله جي حالت خطري کان ٻاهر قرار ڏني وئي آهي

ٻئي طرف پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته نگران حڪومت واقعي جي ذميوارن کي منقطي انجام تي پهچائي

 اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته دهشتگرد هر محب وطن کي نشانو بڻائي رهيا آهن، سمورو ملڪ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ متحد آهي، اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ سنڌ جي نگران وڏي وزير مقبول باقر پاران به ڌماڪي جي مذمت ڪئي وئي آهي

Leave A Comment