بلوچستان ۾ پُتلا ويهارڻ سان مسئلا وڌي ويا، ملڪ انقلاب طرف وڃي رهيو آهي: عمران خان

سيپٽمبر 6, 2024

راولپنڊي (م ڊ) تحريڪ انصاف باني عمران خان چيو آهي ته بلوچستان م پُتلا ويهارڻ سان مسئلا وڌي ويا، ملڪ انقلاب طرف وڌي رهيو آهي،  مون کي ٻڌايو پيو وڃي مان طاقتور سامهون بيهڻ جي جرئت ڪيئن ڪئي؟ واضح ڪيان ته جيل جي چڪي ۾ مري ويندس پر وقت جي يزيد جي غلامي قبول نه ڪندس.  اڊيالا جيل ۾ صحافين سان غير رسمي گفتگو ڪندي عمران خان چيو ته ملڪ انقلاب ڏانهن وڌي رهيو آهي، انهن کي 8 فيبروري تي خاموش انقلاب سان جاڳڻ گهرجي ها، فيصلو ڪندڙن وٽ عقل ناهي. سندس چوڻ هو ته بلوچستان ۾ پتلا ويهارڻ سان مسئلا وڌي ويا آهن، حالتون هٿن مان نڪري ويون آهن، اختر مينگل درست چئي رهيو آهي ته تمام خطرناڪ صورتحال آهي، اين ايف سي ۾ بلوچستان کي جيڪا رقم ملندي آهي، اها هيٺ ناهي پهچندي. عمران خان چيو ته هن وقت ملڪ ۾ ڊائلاگ جي ضرورت آهي، اسان کي چوندا هئا ٽي ٽي پي توهان جي ڪري آهي ته پوءِ بلوچستان ۾ بي ايل اي ڪنهن جي ڪري آهي؟ توهان ڳجهن ادارن کي ملڪ جي سڀ کان وڏي جماعت پي ٽي آءِ کي ختم ڪرڻ تي لڳائي ڇڏيو، ڳجهن ادارن جو ڪم دهشتگردي ختم ڪرڻ آهي

Leave A Comment