بلوچستان ۾ ڊمپر جو ڪار سان ٽڪر، هڪ خاندان جا 5 ڄڻا فوت

بلوچستان ۾ ڊمپر جو ڪار سان ٽڪر، هڪ خاندان جا 5 ڄڻا فوت

شھدادڪوٽ (رپورٽر) بلوچستان جي شهر جي لورا لائي ڀرسان ڪوئيٽا ويندڙ روڊ تي ڊمپر جو ڪار سان ٽڪر ٿي پيو، حادثي جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا، اطلاع تي ريسڪيو ٽيم واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا، جڏهن ته لاشن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي، ٻڌايو پيو وڃي ته حادثي ۾ هڪ ئي خاندان جا 5 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.