| بلوچستان ۾ ڊگھو سوڪهڙو: جھنگلي جيوت لاءِ پاڻي ۽ خوراڪ جو بحران |
ڪوئيٽا(م ڊ) پاڪستان جي بلوچستان صوبي ۾ ڊگهي خشڪي جي صورتحال وڌيڪ خراب ٿي وئي آهي، جنهن جي ڪري راڄڌاني ڪوئيٽا جي ويجهو جبلن ۾ جهنگلي جيوت لاءِ پاڻي ۽ کاڌي جو مسئلو پيدا ٿي ويو آهي. هن صورتحال کي نظر ۾ رکندي، ٻيلي کاتي ڪوئيٽا جي ويجهو چِلتن ۽ ٽاڪٽو جي جبلن واري علائقي ۾ جهنگلي جيوت کي کاڌو ۽ پاڻي فراهم ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. ٻيلي کاتي ۽ جهنگلي جيوت پاران جاري ڪيل ٻن الڳ الڳ سرڪاري بيانن ۾، ڊپٽي ڪنزرويٽر ٻيلي راجا آصف کوسا چيو ته ڊگهي عرصي تائين مينهن نه پوڻ سبب چِلتن جي جبلن واري علائقي ۾ پاڻي ۽ کاڌي جي کوٽ جا اثر واضح ٿي ويا آهن. هن چيو ته هن صورتحال کي نظر ۾ رکندي، کاتي جو عملو روزاني بنيادن تي پارڪ جي مختلف حصن ۾ کاڌ خوراڪ ۽ عارضي پاڻي جا پوائنٽ قائم ڪرڻ ۾ مصروف آهي ته جيئن جهنگلي جيوت کي مدد فراهم ڪري سگهجي. چيف ڪنزرويٽر وائلڊ لائف شريف الدين بلوچ جي مطابق، هزارگنجي نيشنل پارڪ جي مختلف حصن ۾ چاڪر، سسئي ۽ ٻين جهنگلي پکين کي 650 ڪلوگرام کاڌو ورهايو ويو ته جيئن کاڌي جي کوٽ سبب پکين کي درپيش مسئلن کي گهٽائي سگهجي. هن چيو ته ٽاڪٽو نيشنل پارڪ ۾ مارخور لاءِ پاڻي جو بندوبست ڪيو پيو وڃي. چيف ڪنزرويٽر شريف الدين بلوچ موجب، گذريل ٻن سالن دوران ڪوئيٽا ۾ معمول کان گهٽ برساتن سبب، ڪوئيٽا جي ٽاڪٽو علائقي ۾ واقع نيشنل پارڪ ۾ قدرتي پاڻي جا ذخيرا سڪي ويا آهن، جنهن جي ڪري اتي موجود 500 کان وڌيڪ مارخور ۽ ٻين ناياب جهنگلي جيوت لاءِ پيئڻ جي پاڻي جي سخت کوٽ آهي. جهنگلي جيوت لاءِ پيئڻ جو پاڻي کاتي جي عملدارن پاران ڪلهن تي کڻي ۽ گڏهن تي ڍوئي پهچايو پيو وڃي ۽ ٽاڪٽو نيشنل پارڪ ۾ ناياب حياتياتي تنوع جي حفاظت لاءِ اضافي وسيلن جي فوري ضرورت آهي. 1980 ۾ قومي پارڪ قرار ڏنل، هي علائقو تقريباً 27 هزار ايڪڙ تي پکڙيل آهي ۽ پنهنجي حياتياتي تنوع، ناياب نسلن ۽ خوبصورت نظارن جي ڪري عالمي اهميت رکي ٿو.