شھدادڪوٽ(رپورٽر) بلوچستان جي شھر مستونگ ۾ ڪسٽم ۽ پوليس گڏيل ڪارروائي ڪندي 12 ڪروڙ کان وڌيڪ جو نان ڪسٽم سامان ھٿ ڪري ورتو، مستونگ پوليس موجب هٿ آيل سامان ۾ سگريٽ، ڪپڙو،سينٽ، نشي آور سوپاريون ۽ ٻيو سامان شامل آهي.
حيدرآباد ۾ ڪار جو رڪشا ۽ گڏهه گاڏي کي ٽڪر، 5 ڄڻا زخمي
حيدرآباد (بيورو رپورٽ) گھوڙا گرائونڊ ويجھو ڪار جو لوڊر رڪشا ۽ گڏھ گاڏي کي ٽڪر ٿي پيو، نتيجي ۾ ٽن عورتن سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن آرمي پبلڪ اسڪول سامھون حادثي سبب رخسانا ـ سمن سميت پنج ڄڻا زخمي ٿي پيا زخمين کي علاج لاء فوري طور ريسڪيو ايمبولينس ذريعي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو ريسڪيو عملي واقعي واري ھنڌ پاڻي ۾ ڪريل ڪار کي ٻاھر ڪڍي مالڪ حوالي ڪئي.
ٺٽو پوليس جون ڪارروائيون: منشيات فروشن سميت 7 ڏوهاري گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
ٺٽو (رپورٽر) ٺٽو پوليس پاران ھڪ ڏوھاري ۽ 6 منشيات وڪري ڪندڙن سميت 7 ڄڻن کي گرفتار ڪري وٽانئن وڏي تعداد ۾ گٽڪي مائي جون پڙيون ، گٽڪو مائو مٽيريل ، ڪچو شراب ، ھڪ پسٽل ۽ ھڪ ڪار پوليس تحويل ۾ وٺڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آھي ان ڏس ۾ ٺٽي جي ايس ايس پي فاروق احمد بجاراڻي جي ترجمان جي پڌرائي موجب ٺٽي جي مختلف ٿاڻن مڪلي ، جهمپير ، گهارو ۽ ڌاٻيجي جي پوليس ڪاروائي ڪندي 7 جوابدارن اعظم ملاح ، گڊو چانڊيو ، غلام شبير ملاح ، حيات شاه، منصور چانڊيو ، ديدار جانوري ۽ غلام حسين پالاري کي گرفتار ڪري وٽانئن 1000 گٽڪي مائي جون پڙيون ، 55 ڪلو گٽڪو مائو مٽيريل ، 100 ڪچي شراب جون ٿيلھيون ، ھڪ پسٽل ۽ ھڪ ويگنار ڪار پوليس تحويل ۾ وٺي گرفتار سمورن جوابدارن خلاف مختلف ٿاڻن تي گٽڪي ايڪٽ ۽ منشيات آرڊيننس تحت ڪيس داخل ڪري ڇڏيا آھن .
کيبر ويجھو چور چوڪيدار کي يرغمال بڻائي سولر سسٽم کڻي ويا
کيبر (ن پ ا) کيبر ويجھو سيکاٽ ٿاڻي جي حد ۾ نيشنل هاء وي ڀرسان بسم الله هوٽل آهي ان جي پويا پنھو ابڙو جي زرعي زمين آهي اتي رات دير سان اڻ ڄاتل چور داخل ٿي لکين رپين جو نقصان ڪري فرار ٿي ويا چونڪيدار خير محمد چوھاڻ جو چوڻ آهي ته هٿيار بندن مونکي يرغمال بڻائي مارڪٽ ڪرڻ بعد زنجيرن سان جڪڙي زرعي زمين تي لڳل 16 سولر پليٽن کي ٽوڙي انويٽر کڻي بعد ۾ فائرنگ ڪندي فرار ٿي ويا، اسان جو لکينر يپن جو نقصان ڪيو ويو آهي. هوڏانهن سيکاٽ پوليس رابطون ڪرڻ تي اھڙي واقعي بابت لاعلمي ظاھر ڪري ڇڏي آهي متاثر ڌر ايس ايس پي مٽياري سميت وس وارن اختيارن کان مطالبو ڪندي چيو آهي ته فوري طور جانچ شروع ڪري نامعلوم جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي
کيبر پريس ڪلب جي چونڊ، عزيز گل کيبر صدر چونڊجي ويو
کيبر (ن پ ا) کيبر پريس ڪلب جي چونڊ ٿي وئي، جنهن لاء عزيز گل کيبر کي صدر ، سينئر نائب صدر آصف علي ملاح ۽ جنرل سيڪريٽري نثار احمد شهوڪ ، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري علي حيدر ملاح کي چونڊيو ويو جڏهن ته جواد اختر ميمڻ کي جوائنٽ سيڪريٽري، نائب صدر اياز لطيف ملاح، خزانچي مظهر عباس ملاح اطلاع سيڪريٽري امتياز علي قمبراڻي جن کي چونڊيو ويو. گورننگ باڊي لاء مهتاب لطيف ملاح ، فرمان علي کوسو ، منصور علي بڙدي ، اڪبر خان کوسو ، ولي محمد شهوڪ ، شيراز علي ملاح ، ثناء الله ميمڻ، فياض علي ملاح ، حاجي خان ملاح کي ميمبر چونڊيو ويو.
عمرڪوٽ پوليس پاران منشيات خلاف ڪارروائين جي دعويٰ، هڪ ڄڻو گرفتار
عمرڪوٽ(رپورٽر) عمرڪوٽ سي آءِ اي پوليس ڪاروائي ڪري هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ۽ ٻن نامعلوم جوابدارن مٿان منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. پوليس موجب ڪاروائي دوران زهريلي سوپارين آداب جا 400 پيڪيٽ حبيبي 350 پيڪيٽ سفينا 150 پيڪيٽ رائل ڪنگ 150 پيڪيٽ هڪڙي الٽو ڪار ۽ 48500 ڪيش رقم هٿ ڪئي آھي پوليس ڪاروائي دوران جوابدار علي حسن ولد جهنڊو بنگلاڻي کي گرفتار ڪري سٽي ٿاڻي تي منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ڇڏيو ۽ ٻن نامعلوم ماڻهن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا جاري آهن.
قتل ڪيس ۾ گرفتار قانون جي شاگرد خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي
حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد قتل جي الزام ھيٺ پاڻ گرفتاري ڏيندڙ لا گريجيوئٽ شفقت عمراڻي ٻڌڻي دوران عدالت ۾ پيش ٿيو ايڊيشنل سيشن جج ون جي عدالت ٻڌڻي 27 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي ڪري ڇڏي آھي ٻڌڻي دوران شفقت عمراڻي پنهنجي وڪيلن طارق شاھ معرفت عدالت ۾ پيش ٿيو فريادي ڌر جي وڪيل طرفان ھڪ شاھد جو ٻيھر بيان ڏيڻ لاء عدالت کي استدعا ڪري ڇڏي قانون جي شاگرد شفقت عمراڻي عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪيس کي ڄاڻي واڻي اينگھايو پيو وڃي، ڪوڙ آخر ڪوڙ ئي رھندو ڪيس ۾ فريادي ڌر جي وڪيل طرفان دير جي حربا استعمال ڪيا پيا وڃن 8 سال بنا ٽرائيل جي جيل ڪاٽيو آھي ، 400 کان وڌيڪ پيشيون ٿيون آھن عدالت مان انصاف جي اميد آھي ، پنهنجي بيگناھي ثابت ڪندس.
بدين پوليس پاران منشيات فروش گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
بدين (رپورٽر) سي آئي اي پوليس بدين ڪيترن ئي ڪيسن ۾ گھربل منشيات فروش کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. سي آئي اي پوليس ۽ ماڊل ٿاڻي بدين جي پوليس گڏيل ڪارروائي ۾ مبينا منشيات فروش محمد ابراهيم نھڙيو کي گرفتار ڪري وٽانس 1300 گرام چرس هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، جنھن جي خلاف دفعه 3،1،9 سي ڪنٽرول آف نارڪو ٽيڪس سبسٽينس ايڪٽ جي تحت بدين ماڊل ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي پوليس موجب ته جوابدار پيشا وارانا عادي ڏوهاري آهي ۽ مٿس ٿاڻن تي ڪيس پڻ داخل ٿيل آهن جنهن کي وڏي ڪوشش کان پوءِ پوليس گرفتار ڪري وڌيڪ جانچ ڪري رهي آهي