| بلوچستان ۾ ڪوئلي جي کاڻ مان 36 لاش هٿ |
شھدادڪوٽ (رپورٽ: امير علي مڱڻهار) بلوچستان جي ھنا اوڙڪ ڀرسان ڪوئلي جي کاڻ ۾ اوچتو ڇپ ڪرڻ ڪري 36 کان وڌيڪَ مزدور دٻجي فوت ٿي ويا جڏهن ته 10 کان وڌيڪَ مزدور ڦاٿل آهن. ڊي سي ڪوئيٽا ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار واقعي واري هنڌ پهچي ويا آهن جتي امدادي ڪم جاري آهي پي ڊي ايم اي ريسڪيو ٽيمن مطابق ھن وقت تائين 36 مزدورن جا لاش ڪڍيا ويا آھن باقين جي ڳولھا جاري آھي. فوتين ۾ ڪي پي جي علائقي شانگله جي هڪ ئي ڳوٺ جا 28 ماڻهو شامل آهن.