بلوچن کي جسم سان بم ٻڌڻ تي ڪنهن مجبور ڪيو؟ قومي اسيمبلي ۾ جعفر ايڪسپريس واقعي تي بحث

مارچ 15, 2025

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ بلوچستان جي صورتحال ۽ صدارتي خطاب تي بحث شروع ٿي ويو. جي يو آءِ ميمبر قومي اسيمبلي عثمان باديني ڳالهائيندي چيو ته ڪالهه هن ايوان ۾ جيڪا غيرذميواريءَ جي سطح نظر آئي، اها مون ڪڏهن به نه ڏٺي آهي هتي ستر سالن جا بزرگن هڪ ٻئي جي بي عزتي ۽ تعنا ڏيندي نظر آيا. هتي بلوچستان جي ڳالهه ڪرڻ بدران هڪ ٻئي جي ذات کي نشانو بڻايو ويو، سوچيو ته بلوچستان ۾ ڊاڪٽر ۽ پڙهيل لکيل ماڻهو بندوق کڻڻ تي ڇو مجبور ٿي ويا آهن. بلوچ کي جسم تي بم ٻڌڻ تي ڪنهن مجبور ڪيو؟ قومي اسيمبلي جو اجلاس ۾ ڳالهائيندي شيخ آفتاب چيو ته بدقسمتيءَ سان هاڻي وري دهشتگرديءَ ڪَر کنيو آهي. وقت جي ضرورت آهي ته سموريون سياسي پارٽيون گڏجي ويهن، نوجوانن کي روزگار نه مليو ته انهن کي دهشتگرد تنظيم ۾ شامل ٿيڻو پوندو، پي ٽي آءِ ميمبر قومي اسيمبلي زرتاج گل ڳالهائيندي چيو ته گهرو وزارت ۾ اڌ درجن وزير رکيا ويا آهن، ان باوجود دهشتگردي عروج تي آهي، رڳو عرب امارت مان 16 مهينن ۾ 10 هزار پاڪستاني ڊي پورٽ ڪيا ويا آهن، حڪومت پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکاري، سڀ ڪجهه جو الزام پي ٽي آءِ تي نه هنيو وڃي، هن چيو ته صدر پنهنجي سنڌ صوبي جي همدردي ۽ ووٽن لاءِ ڪئنالن جي ڳالهه ڪئي، ڇا ڪنهن ٻئي صوبي سان اهڙي زيادتي نه پئي ٿئي. هن چيو ته منهنجو ليڊر چوي ٿو ته ملڪ به منهنجو آهي، فوج به منهنجي آهي. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو ته اهو ٻڌايو وڃي ته تنظيم سازي تي ڳالهائڻو آهي يا جعفر ايڪپسريس واري مسئلي تي ڳالهائڻو آهي. جن ماڻهن جعفر ايڪسپريس واقعي کانپوءِ سوشل ميڊيا تي دهشتگردن جي سهولتڪاري ڪئي، بي ايل اي وانگر انهن سهولتڪارن جي خلاف به ڪاروائي ڪئي ويندي. ملڪ کي ڪو به خطرو ناهي. ٽي ٽي پي ۽ بي ايل اي ۾ فرق صرف اهو آهي ته هڪ جي ڏاڙهي آهي ۽ ٻئي جي ڏارهي ناهي. هن چيو ته جنهن بهترين انداز ۾ سيڪيورٽي فورسز آپريشن ڪيو اُن جو مثال ناهي.

Leave A Comment