بليڪ ميلنگ، زيادتي ۽ وڊيو رڪارڊ ڪرڻ جو الزام: 4 ڄڻن خلاف ڪيس

بليڪ ميلنگ، زيادتي ۽ وڊيو رڪارڊ ڪرڻ جو الزام: 4 ڄڻن خلاف ڪيس

سکر/ٺري ميرواهه (نمائندن وٽان) ٺري ميرواھ ٿاڻي تي پوليس اھلڪار عورت سميت چئن جوابدارن خلاف نازيبا وڊيو رڪارڊ ڪري بليڪ ميل ڪرڻ ۽ عورت سان زوري زنا ڪرڻ جا ٽي ڌار ڌار ڪيس داخل. پوليس اهلڪار ۽ هڪ عورت سميت 3 ڄڻا گرفتار، ٺري ميرواھ ٿاڻي جي پوليس اھلڪار الطاف خاصخيلي تي پنھنجي دوستن سان گڏجي ٻن نوجوانن کي ڪپڙن کان آجو ڪري بليڪ ميل ڪري وڊيو ٺاھڻ جا ٻه ۽ عورت کي زنا ڪرڻ جو ھڪ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.  پھرين ايف آءِ آر فريادي گھنشام مل جي مدعيت ۾ داخل ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته جوابدار پوليس اھلڪار الطاف خاصخيلي، عامر خاصخيلي، خالد اسلامي، مسمات فلڪ اسلامي ھڪ ڪمري ۾ گھرائي هڪ عورت جي موجودگيءَ ۾ زبردستي ڪپڙن کان آجو ڪري وڊيو ٺاھي ۽ بليڪ ميل ڪري مختلف وقتن تي 16 لک رپيا ورتا، ٻئي ايف آئي آر ۾ فريادي روي ڪمار ڄاڻايو آھي ته دڪان تان ورتل اوڌر جي رقم ڏيڻ لاءِ کيس الطاف خاصخيلي ٺري شھر جي هڪ جڳھ ۾ گھرايو. جتي اڳ ئي موجود پوليس اھلڪار الطاف خاصخيلي، وسيم خاصخيلي، بينظير اسلامي کيس زبردستي ڪپڙن کان آجو ڪري وڊيو ٺاھيون ۽ بليڪ ميل ڪري 11 لک رپيا ورتا. ٺري ميرواهه هاڻي تي ٽيون ڪيس بينظير اسلامي جي فرياد تي   خالد اسلامي، فلڪ اسلامي، پوليس اھلڪار الطاف خاصخيلي سميت چئن جوابدارن خلاف داخل ڪئي وئي آهي. فريادڻ ايف آئي آر جي متن ۾ ڄاڻايو آهي ته جوابدار فلڪ ناز، خالد حسين هڪ ٻئي جوابدار سان گڏجي ڪمري ۾ بند ڪري سپاهي الطاف حسين حوالي ڪيو. جنهن مون سان زبردستي زنا ڪئي. ڪيس داخل ڪرڻ بعد پوليس اھلڪار الطاف خاصخيلي، فلڪ ملاح ۽ خالد اسلامي کي پوليس گرفتار ڪري لاڪپ ڪيو آهي. ذريعن موجب مليل ڄاڻ موجب هندو برادري پاران ڊي آءِ جي سکر سان ملاقات ڪري پوليس اهلڪار جي بليڪ ميلنگ بابت آگاهه ڪيو هو. ڊي آءِ جي سکر طرفان انڪوائري بعد سپاهي الطاف خاصخيلي کي ڪوارٽر گھاٽ ڪري مٿس ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ٺري ميرواهه پوليس ڪيس داخل ڪري الزام هيٺ آيل پوليس اهڪار مٿان ٽي الڳ الڳ ڪيس داخل ڪري کيس گرفتار ڪري ورتو. ذريعن مطابق سال 2021 ۾ به ڄاڻايل پوليس اهلڪار مٿان ڪيس داخل ٿيو. جنهن ۾ هو پنجن سالن تائين ڊسمس رهيو. مخالف ڌر کي ڏنڊ جي ڳري رقم ڏيڻ بعد چار مهينا اڳ نوڪري تي الطاف خاصخيلي بحال ٿيو. بحال ٿيڻ بعد الزام هيٺ آيل پوليس اهلڪار مٿان نئون الزام لڳو آهي جنهن تحت مٿس ڪيس داخل ڪري لاڪب ڪيو ويو آهي.