| بلڊر اڳواڻن جي وڏي وزير سان ملاقات: ڀتن جي پرچين ۽ قبضن بابت دانهون |
ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) بلڊرن جي تنظيم آباد جي اڳواڻن جي وڏي وزير سيد مراد شاھ سان ملاقات، ڀتي جي پرچين ۽ قبضن بابت دانهون، ان ڏس ۾ آباد جي اڳواڻن حسن بخشي ۽ حنيف گوهر جي اڳواڻي ۾ وڏي وزير سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران گھرو وزير ضياءُ لنجار، چيف سيڪريٽري ۽ ڪمشنر موجود هئا. وڏي وزير سيد مراد علي شاھه بلڊرن کي مخاطب ٿي چيو ته اوهان (آباد) جي پريس ڪانفرنس ٻُڌي هئي، اوهان اهو معاملو ميڊيا تي آڻڻ بجاءِ مونکي ٻڌايو وڃي ها. وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ ڪٿي به زمينن تي قبضو برداشت نه ڪيو ويندو، ان ڏس ۾ ڊويزنل ۽ ضلعي انتظاميه کي اڳ ۾ ئي واضح هدايتون ڏنل آهن، آباد اڳواڻن وڏي وزير کي آگاهه ڪيو ته ڪجهه مهينا اڳ زمينن تي قبضي خلاف سخت ڪارروائي ٿي هئي، جنهن کانپوءِ سندن زمينن تي ڪوبه نئون قبضو ناهي ٿيو. هنن چيو ته جيڪڏهن ڪٿي پراڻا قبضا موجود آهن ته حڪومت سان گڏجي انهن جي خاتمي لاءِ تيار آهيون، گڏجاڻي ۾ گڏيل طور اڳتي وڌڻ تي اتفاق ڪيو ويو، آباد جي وفد وڏي وزير کي ڀتا خوري جون پرچيون ۽ ٻاهرين ملڪن مان ڪالون ڪندڙ ڀتاخورن جا ٽيليفون نمبر به ڏنا ۽ ميمبرن کي پيش ايندڙ مسئلن بابت تفصيلي آگاهي ڏني، جنهن تي وڏي وزير چيو ته جيڪڏهن ڪنهن ڀتي جي پرچي ڏني يا ڪا رقم ادا ڪئي وئي ته فوري طور گهرو وزير کي درخواست ڏيڻ گهرجي ها، آباد جي قيادت ٻڌايو ته گذريل هڪ سال دوران ڀتا خوري جا 10 ڪيس سامهون آيا آهن. جنهن تي گهرو وزير ٻڌايو ته پوليس 50 ڀتا خور گرفتار ڪري جيل موڪليا آهن، جڏهن ته 6 ڏوهاري پوليس مقابلن ۾ مارجي ويا آهن، ملاقات ۾ مراد علي شاهه پوليس کي هدايت ڪئي ته آباد طرفان ايندڙ هر شڪايت تي ترت ڪارروائي ڪئي وڃي. وزيراعليٰ خاطري ڪرائي ته وفاقي حڪومت جي سهڪار سان پرڏيهه مان ڀتا گهرندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، آئون وفاقي حڪومت سان به ڳالهائيندس ته جيئن ٻاهر ويٺل ڀتا خور گرفتار ٿي سگهن. اسان اڳ به ڪراچي مان ڀتا خوري جو خاتمو ڪيو هو، هاڻ به پاڙ پٽينداسين