| بلڊر ماڻهن کي ڦريندا وتن، عدالت وري رعايت ڪري ايئن نه ٿيندو: هاءِ ڪورٽ |
ڪراچي (رپورٽ: عرفان شاهه) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪراچي جي اسڪيم 33 ۾ واقع گلشن روفي جي 650 متاثرن کي پلاٽ فراهم نه ڪرڻ واري ڪيس ۾ بلڊر پيش نه ٿيو، سندس وڪيل بلڊر جي بيماري بابت ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ پيش ڪري ڇڏيو، عدالت متاثرن کي پلاٽ نه ڏيڻ تان نيب ۽ ٻين ادارن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، جسٽس نثار ڀنڀرو بلڊر جي وڪيل کي مخاطب ٿي چيو ته ايئن ٿي نٿو سگهي ته توهان ماڻهن کي ڦرندا وتو ۽ عدالت وري رعايت ڪندي رهي, عدالت جوابدارن کي 15 اپريل تي طلب ڪندي چيو ته عدالتي حڪم تي عمل نه ٿيو ته جوابدان کي ڏنل عبوري ضمانت رد ڪئي ويندي، بلڊرن ۾ رحمت الاهي, اڳوڻو سينيٽر قاسم لاسي ۽ منظور روفي شامل آهن، نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته بلڊر جاچ ۾ تعاون نه پيا ڪن، درخواستگذار جي وڪيل ملڪ الطاف جاويد چيو ته عدالتي حڪمن باوجود 8 سئو کان وڌيڪ متاثرن کي پلاٽ نٿا ڏنا وڃن، ڊولپمينٽ جو ڪم به نٿو ڪرايو وڃي، بلڊرن او ڊي سي چارجز ۾ ڪروڙين روپين جو فراڊ ڪيو آهي .