ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ بلڊر کان ڀتو گهرڻ جي الزام هيٺ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جا 3 سينيئر انسپيڪٽرز گرفتار، 2 آفيسر موقعي تان فرار ٿي ويا
پوليس موجب انسپيڪٽر عمير ڪريم، امين، ظفر عرف سپاري ۽ ٻيا صدر جي علائقي ۾ نئين تعمير ٿيندڙ عمارت جي بلڊر کان ڀتو وٺڻ لاءِ پهتا، پريڊي ٿاڻي جي پوليس بلڊر جي شڪايت تي اڳ ئي ڪارروائي لاءِ موجود هئي
پوليس جو چوڻ آهي ته موقعي تي ئي ٽن انسپيڪٽرز عمير ڪريم، امين ۽ ظفر الياس کي گرفتار ڪري ورتو جڏهن ته 2 آفيسر ضيا الياس ۽ سيد اويس حسين فرار ٿي ويا
جوابدار پهرين مرحلي ۾ بلڊر کان 5 لک روپيا وصول ڪري چڪا هئا، جوابدار رهيل 35 لک روپيا وٺڻ لاءِ پهتا ته پوليس کين سوگهو ڪري ورتو
ٻئي طرف بلڊر سيد بلال نجيب جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي