| بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۾ بدليون: اهم ڪامورا ڪنڊائتا ڪيا ويا |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي آرڪيٽيڪچر، پلاننگ ۽ ضلعي سيڪشنن ۾ وڏي پيماني تي انتظامي تبديليون، ان ڏس ۾ جاري ٿيل نوٽيفڪيشن موجب ضلعي ڏکڻ جي ڊائريڪٽر طلال مگسي کي ڪورنگي بدلي ڪري سندس جاءِ تي ڪورنگي جي ڊائريڪٽر عبدالحسيب جملاڻي کي مقرر ڪيو ويو آهي، ڊپٽي ڊائريڪٽر راشده بلوچ کي آرڪيٽيڪچر اينڊ پلاننگ ون مان هٽائي پلاننگ ٽو ۾ مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته معين الدين کي پلاننگ ٽو مان هٽائي جنرل ڪمپلينٽ سيل ۾ مقرر ڪيو ويو آهي. سيد عبدالحسيب کي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر پلاننگ ون مقرر ڪري،کيس ڊپٽي ڊائريڪٽر پلاننگ ون جي واڌو چارج ڏني وئي آهي. ساڳئي ريت اسسٽنٽ ڊائريڪٽر محمد علي، انجنيئر سميع خان، انجنيئر خالد خاصخيلي ۽ طاهر نعيم صديقي کي هڪ سيڪشن کان ٻئي سيڪشن ۾ بدلي ڪيو ويو آهي. جڏهن ته پلانر سجاد علي ۽ ڪاشف نظير کي ايڊمنسٽريشن سيڪشن ۾ رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. ضلعي اوڀر ۾ آصف شيخ کي چنيسر ون تان هٽائي ايڊمنسٽريشن سيڪشن رپورٽ ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن، ضلعي سينٽرل ۾ اياز شهاب کان ناظم آباد ون جي واڌو چارج واپس وٺي، ڪامران احمد کي سونپي وئي آهي.