| بلڊنگ ڪنٽرول جا سمورا ترميمي نوٽيفڪيشن واپس: ساڍا 4 مهينن ۾پراڻو نظام بحال |
ڪراچي(رپورٽ: الطاف چنا) بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جا سمورا ترميمي نوٽيفڪيشن واپس، ساڍا 4 مهينن اندر پراڻو نظام بحال، ان ڏس ۾ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي (ايس بي سي اي) جي7 رڪني اٿارٽي اڳوڻي ڊي جي شهمير ڀٽو جي دور ۾ جاري ڪيل سڀئي ترميمي نوٽيفڪيشن واپس وٺي ڇڏيا، جنهن سان هڪ ڀيرو ٻيهر ساڍا چار مهينا اڳ وارو پراڻو نظام بحال ٿي ويو آهي، هاڻ نقشا ۽ شوڪاز نوٽيس پراڻي طريقي سان جاري ڪيا ويندا. اجلاس ۾ ڪمرشل پلاٽن تي ڪمرشل اڏاوت سان گڏ فليٽن جي تعمير جي اجازت ڏيڻ لاءِ ڪراچي بلڊنگ اينڊ ٽائون پلاننگ ريگيوليشنز 2002 ۾ ترميم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته 1972ع جي ريگيوليشنز تحت به ڪمرشل پلاٽن تي ڪمرشل ۽ ڪمرشل–ڪم–رهاشي عمارتن جي اجازت موجود هئي. انهي بنياد تي نيون ترميمون ڪيون پيون وڃن. جڏهن ته فلور ايريا ريشو (FAR) بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪمن تي عملدرآمد لاءِ ڪراچي جو نئون ماسٽر پلان مڪمل ٿيڻ جو انتظار ڪيو ويندو. ماسٽر پلان منظور ٿيڻ بعد حڪومت سنڌ، ايس بي سي اي آرڊيننس 1979 جي سيڪشن 8-7 تحت ان جي توثيق ڪندي. نئين پلازا پبلسٽي ۽ وڪري اين اي سي بابت اجلاس ۾ طئه ڪيو ويو ته 2002ع کان اڳ ڪي ڊي اي، ايل ڊي اي يا ايم ڊي اي کان لي آئوٽ منظور ڪيل نجي سوسائٽين جا نقشا لاڳاپيل ادارن کان تصديق بعد منظور ڪيا ويندا. ان سان گڏ سنگل ونڊو فيسلٽي کي ڏنل ڊيماليشن ۽ ڪمپلشن پلان جي منظوري جا اختيار واپس ضلعي آفيسن حوالي ڪيا ويا. ذريعن موجب 150 فوٽ يا وڌيڪ اوچائي واري عمارت جي منظوري لاءِ ڪيس پريزنٽيشن ڪاميٽي ۾ رکيو ويندو، جڏهن ته 14 ماڙ تائين عمارتن جي منظوري بغير پريزنٽيشن جي ممڪن هوندي. اجلاس ۾ 29 نقشا پڻ منظور ڪيا ويا.