| بلڊنگ ڪنٽرول ۽ ايس آر بي ۾سيلز ٽيڪس جي7 ڪروڙن تان دنگل: اڪائونٽ بندش جي وارننگ |
ڪراچي (رپورٽ: الطاف چنا) سنڌ روينيو بورڊ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي خلاف سنڌ سيلز ٽيڪس اسپيشل پروسيجر (وِٿ هولڊنگ) رولز 2014 تحت نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ ايس بي سي اي تي سنڌ سيلز ٽيڪس جي مد ۾ 7 ڪروڙ 34 لک 9 هزار 950 رپيا جمع نه ڪرائڻ جو الزام لڳايو ويو آهي. ايس آر بي موجب ايس بي سي اي وِٿ هولڊنگ ايجنٽ هجڻ باوجود جولاءِ 2024 کان جون 2025 دوران مختلف سروس فراهم ڪندڙن کان ڪاٽيل سنڌ سيلز ٽيڪس جي رقم سرڪاري خراني ۾ جمع نه ڪرائي، جيڪا قانون جي سڌي ڀڃڪڙي آهي. نوٽيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ايس بي سي اي طرفان اين ٽي اين جي حوالي سان پيش ڪيل وضاحتون بي بنياد قرار ڏنيون ويون آهن، انهي کي ادائگي کان بچڻ جا هٿڪنڊا سمجهيو ويو آهي. ايس آر بي طرفان ايس بي سي اي کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اها سنڌ سيلز ٽيڪس رقم سرچارج سميت جمع ڪرائي، نوٽيس ۾ خبردار ڪيو ويو آهي ته مقرر مدي اندر رقم جمع نه ڪرائڻ جي صورت ۾ قانون موجب اسيسمينٽ ۽ وصولي لاءِ ڪارروائي ڪئي ويندي، جنهن ۾ بئنڪ اڪائونٽن جي اٽيچمينٽ (بندش) به شامل ٿي سگهي ٿي. سنڌ رونيو بورڊ واضح ڪيو آهي ته سرڪاري کاتن پاران ٽيڪس قانونن تي مڪمل عملدرآمد ضروري آهي ته جيئن ٽيڪس چوري جا رستا بند ڪري صوبي جي عوامي ڀلائي لاءِ آمدني يقيني بڻائي سگهجي.