| بلڊنگ ڪنٽرول ۾ تبديليون: سيد ضياءَ ايڊيشل ڊي جي مقرر |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي (ايس بي سي اي) ۾ انتظامي تبديليون جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق ڊائريڪٽر سيد محمد ضياءَ کي نئون ايڊيشل ڊي جي مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته ڊپٽي ڊائريڪٽر سڪندر رند کي ميرپورخاص ريجن جو ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته ممتاز لاشاري کي ڊپٽي ڊائريڪٽر اسٽرڪچر سيڪشن حيدرآباد ريجن بدلي ڪيو ويو، نيو ڪراچي ۾ 3 اسسٽنٽ ڊائريڪٽرن شڪيل احمد خان، علي مهدي جعفري ۽ عاطف شيرواني جون مقرريون ڪيون ويون، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر محمد شهريار مقصود کي جناح ٽائون ٽي ۽ پنج، جهانگير منگي کي گڏاپ ٽو فهد امتياز کي ڏکڻ ۾ وجيلنس جون ذميواريون سونپيون ويون.