بلڙي شاهه ڪريم واسي 2 پيرسن مبينا اغوا، 20 لک رپيا ڀنگ طلب

ڊسمبر 23, 2024

بلڙي شاهه ڪريم (ن پ ا) بلڙي شاهه ڪريم واسي مبينه طور اغوا ڄاڻايل مغوين جي وارثن محرم علي چانڊيو ۽ ميوو چانڊيو پريس ڪلب بلڙي شاه ڪريم پهچي دانهيو ته سندن پيرسن 55 ورهين جو محمد هاشم چانڊيو ۽ 45 ورهين جو سالار خان چانڊيو هڪ هفتو اڳ مزدوري سانگي گهران نڪري ويا هئا جنهن جي بعد 17 ڊسمبر جي ڏينهن مغوي ڄاڻايل محمد هاشم جي نمبر تان ڪال آئي جنهن تان آڻڃاتل شخص ٻڌايو ته همراهه قيد آهن 20 لک رپيا ڏئي پنهنجا همراهه واپس وٺي وڃي ٻئي صورت ۾ کين ماريو ويندو، هنن چيو ته اهڙي ڪال اچڻ بعد بلڙي شاهه ڪريم ٿاڻي ۽ ايس ايس پي آفيس ٽنڊو محمد خان وياسين پر انهن اهو چئي موٽايو ته مغوين سندن حد مان اغوا ناهن ٿيا، علائقي جي چونڊيل نمائندن توڙي چڱن آڏو دانهيو آهي پر ڪير مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناهي اسان غريب پورهيت آهيون 20 لک رپيا رقم ڪٿان آڻيون جو ڌاڙيلن کي ڏئي پنهنجي پيارن کي آزاد ڪرايو اسان خدشو آهي ته رقم نه ملڻ جي صورت ۾ ٻنهي ڄڻن کي قتل ڪيو ويندو، هنن سنڌ حڪومت توڙي آئي جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي مغوين کي جلد کان جلد بازياب ڪرايو وڃي.

Leave A Comment