| بلڙي شاهه ڪريم ويجھو ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالهه تان فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو |
بلڙي شاهه ڪريم(ن پ ا) بلڙي شاه ڪريم ويجهو معمولي ڳالهه تان ڪاتيار برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو فائرنگ، هڪ ڄڻو قتل، گهر ۾ ڪهرام، ان ڏس ۾ بلڙي شاه ڪريم جي ڳوٺ جهنگ ڪاتيار ۾ ڪاتيار برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ صديق عرف بابو ڪاتيار پسٽل جا فائر ڪري 30 ورهين جي نوجوان امجد پٽ علي محمد ڪاتيار کي پسٽل جا فائر ڪري مرڻينگ ڪري ڇڏيو جنهن کي اطلاع ملڻ بعد بلڙي شاه ڪريم واقعي واري هنڌ پهچي زخمي نوجوان کي ٽنڊومحمدخان اسپتال منتقل ڪيو جتي هن دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، ضروري ڪارروائي بعد پوليس مڙهه وارثن حوالي ڪيو جيڪي مڙهه کڻائي ڳوٺ پهتا جتي ڪهرام مچي ويو، رابطي ڪرڻ تي بلڙي شاه ڪريم پوليس ٻڌايو ته واقعو معمولي ڳالهه تان پيش آيو، ڏوهه ۾ استعمال ٿيندڙ پسٽل هٿ ڪيو ويو آهي، جوابدار جي گرفتاري لاءِ پڻ ڇاپا هنيا پيا وڃن، وارثن لاش تدفين ڪرڻ بعد ڪيس داخل ڪرائڻ جو چئي ويا آهن، جنهن بعد وارثن جي مرضي موجب ايف آئي آر داخل ڪئي ويندي، ذريعن موجب پوليس پنج ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي پر سندن گرفتاري ظاھر ناهي ڪئي.