بلڙي شاهه ڪريم ۾ جيالن جو بنيادي سهولتون نه ملڻ خلاف احتجاج

مَي 23, 2025

بلڙي شاهه ڪريم (ن پ ا) بلڙي شاهه ڪريم جا شهري ۽ پ پ ڪارڪن ترقياتي ڪم نه ٿيڻ خلاف روڊ تي نڪري آيا، شهر جي وارڊ هڪ جي شيدي پاڙي جي رهواسين پريس ڪلب کان احتجاجي ريلي ڪڍي شهيد بلو پنهور چوڪ آڏو ڌرڻو هنيو.

 ان موقعي تي اڳواڻن پ پ جيالي وحيد شيدي، الهبچايو شيدي، مراد ۽ ٻين چيو ته هن جديد دور ۾ بنيادي سهولتن کان محروم آهيون، اسان کي ترقياتي ڪمن ۾ مسلسل نظر انداز ڪيو پيو وڃي، گٽر نالين جي صفائي نه ٿيڻ ڪري گندگي جا ڍير لڳل آهن، علائقي ۾ پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ ڪا به اسڪيم ناهي ڏني وئي، جنهن سبب سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهيون، ٽائون ڪميٽي جي 3 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ماهوار بجيٽ اچي ٿي پر ان باوجود علائقي واسين کي ڪو به لاڀ ناهي ڏئي سگهي.

 هنن پ پ قيادت سميت سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته فوري طور نوٽيس وٺي علائقي ۾ ترقياتي ڪم ڪرايا وڃن.

لاڳاپيل پوسٽون

  • رونالڊو:امن اپيل، ٽرمپ کي تحفو

  • خيرپورناٿن ۾گوليون هڻي اڌڙوٽ قتل

  • سکر ۾ نوجوان ناري گوليون هڻي قتل

  • تل ابيب ۾ آمريڪي سفارتخانو بند