| بلڙي ۾ اڳوڻي پ ٽ الف صدر شفيع سٺيو جي فصل کي باهه |
ٽنڊو محمد خان (رپورٽر) بلڙي شاھ ڪريم جي ڀليڏنو سٺيو ڳوٺ ۾ پ ٽ الف جي اڳوڻي مرڪزي صدر شفيع محمد سٺيو جي مقاطعي واري ورتل زرعي زمين تي بيٺل لکين روپين جي ماليت جي ڪمند واري فصل کي باھ ڏئي نقصان رسايو ويو ، ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب ۾ پ ٽ الف جي اڳوڻي مرڪزي صدر شفيع محمد سٺيو ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته مقاطعي تي ورتل زرعي زمين جي اڍائي سال رهجي ويل مدت باوجود بااثر ماڻهن جي آشيرواد تي هٿياربندن رات جي دوران زرعي زمين تي اچي مقاطعي واري زرعي زمين تي بيٺل لکين روپين جي ماليت واري ڪمند جي تيار ٿيل فصل کي باھ ڏئي ساڙي ڇڏيو ، جنهن جي سبب سمورو ڪمند سڙي رک ٿي ويو ، پوليس کي اطلاع ڪرڻ باوجود پوليس هٿياربندن جي خلاف ڪو به قدم کڻي نه سگهي آهي نه وري واقعي جي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي ، مقاطعي واري زرعي زمين اصغر علي سٺيو ، محمد حسن سٺيو ، بچل سٺيو ، يوسف سٺيو ، اسلم سٺيو پنهنجي مرحوم پيءُ حاجي آمون سٺيو جي ملڪيت واري زرعي زمين 7 سال مقاطعي تي لکت ۾ ڏني هئي جنهن ۾ 2 سال 5 مهينا اڃان مقاطعو رهيل آهي جنهن جي باوجود بااثر ماڻهن جي مداخلت سان هٿياربندن زرعي زمين تي اچي ڪمند کي باھ ڏئي لکين روپين جو نقصان رسايو آهي. حملي ۾ پٺاڻ برادري سان تعلق رکندڙ هڪ اهڙو ڏوهاري شامل آهي جنهن ڳوٺ مان 12 سالن جي معصوم نينگري کي اغوا جي واردات ڪئي هئي. ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان نوٽيس وٺي، انصاف فراهم ڪيو وڃي. نه ته احتجاج ڪنداسين.