| بلڙي ۾ پکين جي شڪار تان قتل نوجوان جي وارثن تي ڪيس داخل ٿيڻ سبب ڇڪتاڻ تيز: مظاهرو، ڌرڻو |
ٽنڊو محمد خان(رپورٽر) ٽنڊو محمد خان جي حيدرآباد روڊ باءِ پس تي بلڙي شاھ ڪريم ۾ پکين جي شڪار تان قتل ٿي ويل حسين ملاح جي قتل واري معاملي تي ڪيل احتجاج ۾ شامل وارثن تي بلڙي شاھ ڪريم ۾ دهشتگردي انت واري ايف آءِ آر داخل ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو يوو. وارثن سان گڏ حيدرآباد جي وڪيلن ، سول سوسائٽي جي اڳواڻن احتجاجي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو ، احتجاجي ڌرڻي سبب حيدرآباد بدين سجاول سميت 5 ضلعن ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽرئفڪ معطل ٿي وئي ، انهي دوران حيدرآباد کان آيل وڪيلن جي ٽيم جي اڳواڻ ايڊووڪيٽ ذوالفقار ٿيٻو ۽ ٻين چيو ته حسين ملاح جي قتل جا مک جوابدار گرفتار ڪرڻ بجاءِ بلڙي شاھ ڪريم پوليس بااثر ماڻهن جي ونگار طور قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج ڪرڻ تي قتل ٿي ويل ڳوٺاڻي جي وارثن تي دهشتگردي انت واري ايف آءِ آر داخل ڪرائي آهي جيڪا انصاف سان ناانصافي ڪئي وئي آهي جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو ، داخل ڪيل ايف آءِ آر کي عدالت سڳوري ۾ چيلينج ڪيو ويندو ، پوليس کي ڪنهن به وڏيري جي ونگار وهڻ بجاءِ عوام کي انصاف ڏيارڻ گهرجي جيڪا سندن ذميواري آهي ، ملاح فورم جي اڳواڻ منصور ملاح چيو ته پوليس قاتلن کي گرفتار ڪرڻ بجاءِ فريادين تي پريشر وجهي ڪيس تان دستبردار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي جنهن ۾ واقعي جي مک جوابدار اڳوڻي صوبائي وزير سيد قبول محمد شاھ جي فرزند شير يزدان شاھ کي ان مان آجو ڪيو ويو آهي جنهن کي ايف آءِ آر ۾ شامل نه ڪيو ويو آهي وارثن جي مرضي جي خلاف داخل ڪيل ايف آءِ آر تي احتجاج ڪندڙ ملاح برادري جي ماڻهن تي دهشتگردي انت جي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ ۾ 40 کان 50 ملاح برادري جا ماڻهو شامل ڪيا ويا آهن جنهن ۾ مون کي ايف آءِ آر ۾ شامل ڪرڻ سان گڏ وري ٽنڊو محمد خان ۾ مون تي الڳ عورت سان لڄالٽ ڪرڻ جي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي احتجاج دوران ٽنڊو محمد خان پوليس جي اهلڪارن مظاهرين سان ڳالهيون ڪري هڪ ڪلاڪ ۾ ئي سندن ڌرڻو ختم ڪرائي ڇڏيو جنهن بابت پڻ ملاح فورم جي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته پوليس داخل ڪرايل ايف آءِ آر تي جانچ ڪرڻ لاءِ چئي ڌرڻو ختم ڪرايو آهي .