بلڪل ٺيڪ آهيان، سوشل ميڊيا تي هلندڙ خبرون ڪوڙيون آهن: شعيب اختر

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان جي اڳوڻي فاسٽ بالر شعيب اختر پنهنجي صحت بابت سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ خبرن تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي آهي،اڳوڻي قومي ڪرڪيٽر شعيب اختر پنهنجي صحت بابت پنهنجي ايڪس اڪائونٽ تي گردش ڪندڙ سڀني خبرن کي بي بنياد قرار ڏنو آهي،هن ايڪس تي هڪ بيان ۾ چيو ته منهنجي صحت بابت سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ سڀئي خبرون بي بنياد ۽ ڪوڙيون آهن. مان مڪمل طور تي صحتمند آهيان، الحمدالله.هن اهو به چيو ته سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ وڊيو ٽي سال پراڻي آهي، جيڪا ميلبورن ۾ منهنجي گوڏي جي سرجري جي وقت جي آهي.