بل ادا ڪريو: نگران سرڪار جو به عوام کي سستي بجلي ڏيڻ کان انڪار: چوري روڪڻ لاءِ صوبائي ٽاسڪ فورس قائم

سيپٽمبر 6, 2023

اسلام آباد(پنهنجي ڊيسڪ) وفاقي نگران سرڪار به بل ادا ڪرڻ ۽ چوري روڪڻ تائين عوام کي سستي بجلي ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي

توانائي واري نگران وزير محمد علي، سڌسماءَ واري نگران وزير مرتضيٰ سولنگي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته بجلي جي چوري ختم ٿيڻ تائين عوام کي سستي بجلي نه ملندي

سندس چوڻ هو ته 589 ارب روپين جي بجلي چوري ٿي رهي آهي، بجليءَ جي چوري روڪڻ لاءِ صوبائي سطح تي ٽاسڪ فورس قائم ڪيا پيا وڃن

 محمد علي چيو ته ملڪ جي هر علائقي ۾ ڌار ڌار سطح تي بجلي چوري ٿي رهي آهي، بجليءَ جي چوري يا بل ادا نه ڪرڻ سبب ٻين واهپيدارن تي بار پئجي رهيو آهي

هن چيو ته بجليءَ جي چوري ڏوهه آهي ۽ ان جي ايف آءِ آر به داخل ٿيندي آهي، بجليءَ جي چوري روڪڻ واري ايڪٽ تي ڪم ڪري رهيا آهيون، قانون ٺهڻ بعد بجلي چورن کي خاص عدالتن ذريعي سزائون ڏنيون وينديون

Leave A Comment