اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) صدر عارف علوي جي آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ۽ آرمي ايڪٽ ترميمي بل بابت ٽوئيٽ کان اڳ سيڪريٽري وقار احمد سان ڪيل مبينا ڳالهه ٻول سامهون اچي وئي آهي
ايوانِ صدر جي ذريعن موجب صدر پنهنجي سيڪريٽريءَ کي چيو ته مون کي خبر آهي ته بل جي منظوري ۾ توهان جو ڪو ڏوهه ڪونهي پر مون تي پارٽي جو تمام گھڻو دٻاءُ آهي
ذريعن موجب هٽايل سيڪريٽريءَ پاران اماڻيل فائل واپس ناهن آيا جڏهن ته ڊاڪٽر علوي آچر تي بل جي منظوري بابت خدشن جو اظهار ڪندي ٽوئيٽ ڪيو هو