بنا اجازت جلسن تي 3 سال قيد: سينيٽ مان بل منظور، اپوزيشن جو هنگامو: قانون جلسو روڪڻ لاءِآهي: پي ٽي آءِ

سيپٽمبر 6, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد ۾ پرامن اجتماع ۽ پبلڪ آرڊر بل سينيٽ اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو آهي. تحريڪ انصاف بل جي مخالفت ڪئي وئي. بل موجب غير قانوني احتجاج ڪندڙ اسيمبلي ميمبر کي ٽن سالن تائين جي سزا ۽ ڏنڊ وڌو ويندو. هن قانون تحت عدالت طرفان ٽن سالن تائين سزا ٻڌايل شخص کي ٻيهر ورجهاء تي ڏهن سالن تائين قيد جي سزا ڏئي سگهي ٿي. اسلام آباد ۾ امن امان بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي رپورٽ پيش ڪئي وئي، سينيٽر عرفان صديقي چيو ته بل کي فوري طور منظوري ورتي وڃي، جنھن تي پي ٽي آءِ ميمبرن احتجاج ڪيو. سينيٽر علي ظفر چيو ته هي قانون پي ٽي آءِ جي جلسي کي روڪڻ لاءِ ٺاهيو پيو وڃي. ايترو ڊنل ڇو آهيو. عرفان صديقي چيو ته هن بل جو ڪنهن به جلسي سان واسطو ناهي. شهر هڪ  پڃرو بڻيل  آهي. اعظم نذير تارڙ چيو ته پي ٽي آءِ جي جلسي لاءِ انتظاميه جي اجازت هن وقت تائين برقرار آهي. اسلام آباد اوهان جو شهر آهي، ان تي چڙهائي نه ڪريو. پرامن جلسو توهان جو حق آهي. شبلي فراز چيو ته توهان پنهنجي اختيار جو غلط استعمال ڪري رهيا آهيو. پي ٽي آءِ پرامن جلسا ڪيا آهن. پي ٽي آءِ ڪڏهن به شهر جو گهيرو نه ڪيو. هي بل بدنيتي تي ٻڌل آهي. بل ۾ اهو به چيو ويو آهي ته جلسو مقرر ڪيل جاءِ يا حڪومت جي مقرر ڪيل هنڌ تي ٿيندو. جلسي جي  اجازت ڏيڻ کان اڳ ضلعي مئجسٽريٽ امن امان جي صورتحال جو جائزو وٺندو ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان سيڪيورٽي ڪليئرنس حاصل ڪندو. ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ مختص علائقي کان سواءِ ڪٿي به جلسي جي اجازت نه ڏئي سگهندو. ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ پنهنجي اجازت نامي جي سيڪيورٽي رسڪ، تشدد جو خدشو، پبلڪ ڊس آرڊر ۾ ترميم ڪري سگهي ٿو. حڪومت اسلام آباد ڪنهن به مخصوص علائقي کي ريڊ زون يا هاءِ سيڪيورٽي زون قرار ڏئي سگهي ٿي، ضلعي مئجسٽريٽ کي جلسي کي روڪڻ جو اختيار حاصل هوندو. جيڪڏهن اهو عوامي تحفظ يا قومي سلامتي لاءِ خطرو هجي، امن امان جي خرابي جي خطري جي تصديق ٿيل رپورٽ هجي، يا روزمره جي سرگرمين کي متاثر ڪري. ضلعي مئجسٽريٽ پوليس اسٽيشن جي انچارج کي ھدايت ڪري سگھي ٿو ته جلسي کي منتشر ڪري، جيڪڏھن جلسو منتشر نه ٿئي، پوليس آفيسر طاقت جو استعمال ڪري غير قانوني جلسي کي منتشر ڪري سگهي ٿو، غير قانوني جلسي جي ميمبر کي ٽن سالن تائين جي سزا ڏني ويندي. هن قانون تحت، عدالت طرفان ٽن سالن تائين سزا ٻڌايل شخص کي  ٻيهر ورجهاء تي ڏهن سالن تائين قيد جي سزا ڏئي سگهي ٿي. ان کان اڳ سينيٽ جي گهرو معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ اسلام آباد ۾ جلسن جلوسن بابت بل جي منظوري جي معاملي تي ٿيندڙ جهيڙو سينيٽ جي ايوان ۾ پهچي ويو. شهادت اعواڻ ۽ سيف الله ابڙو وچ ۾ سخت جملن سبب اجلاس 15 منٽن لاءِ ملتوي ڪرڻو پيو. سينيٽ چيئرمين معاملي ۾ مداخلت ڪري مسئلو حل ڪرايو. ايوان ۾ شهادت اعواڻ ۽ سيف الله ابڙو کي ڀاڪر پارايو ويو. سينيٽ جو اجلاس شروع ٿيو ته سينيٽر مسرور احسن گهرو ڪميٽي ۾ جهيڙي جو معاملو اُٿاريندي چيو ته اهم بل تي بحث دوران گهرو ڪميٽي جي هڪ ميمبر ٻئي سان بدتميزي ڪئي جيڪا قابل مذمت آهي. مان ان ميمبر جي مذمت ڪريان ٿو. پرزائيڊنگ آفيسر عرفان صديقي چيو ته ايوان ۾ ڪنهن به ميمبر جي مذمت نه ڪرڻ گهرجي. ان معاملي تي لاڳاپيل فورم تي بحث ڪنداسين. ڪميٽي ۾ جيڪو ٿيو اهو هتي شروع ڪيو ويندو ته معاملو ايوان ۾ وڌي ويندو. وزيراعظم نذير تارڙ چيو ته مان ان جي سخت مذمت ڪريان ٿو. ميمبر سيف الله ابڙو چيو ته ڪميٽي ٺاهي معاملي جي جاچ ڪئي وڃي. جيڪڏهن مان غلط آهيان، مان معافي وٺان ٿو. ٻي صورت ۾ جن ميمبرن بدتميزي ڪئي آهي انهن کي معافي وٺڻ گهرجي. مخالف ڌر جي اڳواڻ شبلي فراز چيو ته ان معاملي تي ڪميٽي جوڙي وڃي. اعظم نذير تارڙ چيو ته قومي اسيمبلي ۾ ٻه اهڙا واقعا پيش آيا، جنهن تي اسپيڪر فوري ايڪشن ورتو ۽ ٻنهي ميمبرن کي معطل ڪيو ويو. ڪابه ڪميٽي جي ضرورت ناهي. چيئرمين کي معاملو سينيٽ حوالي ڪرڻ گهرجي. چيئرمين سينيٽ جاچ ڪري ڪارروائي ڪري. ميمبر شهادت اعواڻ چيو ته اها بڪواس منهنجي لاءِ ڪئي وئي هئي، هي بدتميز ماڻهو آهي، منهنجي بي عزتي ڪئي وئي آهي. شهادت اعواڻ جي تقرير تي سيف الله ابڙو پاران سخت احتجاج ڪيو ويو. سينيٽ جي ميمبرن شهادت اعواڻ ۽ سيف الله کي ٿڌو ڪرڻ ۾ مصروف ٿي ويا. پرزائيڊنگ آفيسر عرفان صديقي سينيٽ جو اجلاس پندرهن منٽن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏيو. اجلاس کانپوءِ اعظم نذير تارڙ چيو ته چيئرمين سينيٽ جي چيمبر ۾ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن بعد ٻنهي ميمبرن کي ڀاڪر پاريا ويا. چيئرمين سينيٽ چيو. سڀ سمورا لفظ حذف ڪريو ٿا. ان کانپوءِ ميمبرن سيف الله ابڙو ۽ شهادت اعواڻ کي ڀاڪر پارايو.

Leave A Comment