بنا اجازت ٻي شادي ڪرڻ تي پهرين گهرواري کي نڪاح ختم ڪرڻ جو حق ڏيڻ غير شرعي قرار
مارچ 27, 2025
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلامي نظرياتي ڪائونسل بنا اجازت ٻي شادي ڪرڻ تي پهرين گهرواري کي نڪاح ختم ڪرڻ جو حق ڏيڻ غير شرعي قرار ڏئي ڇڏيو. اسلامي نظرياتي ڪائونسل جو اجلاس چيئرمين راغب حسين نعيمي جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ بنا اجازت ٻي شادي تي پهرين گهرواري کي نڪاح ختم ڪرڻ جو حق ڏيڻ غير شرعي قرار ڏيندي چيو ويو ته اهڙو عدالتي فيصلو جيڪو پهرين گهرواري کي اهو حق ڏئي، اهو شريعت جي نظر ۾ درست ناهي. واضح رهي ته ان کان اڳ سپريم ڪورٽ بنا اجازت ٻي شادي تي پهرين گهرواري کي معاهدو ختم ڪرڻ بابت فيصلو ڏنو هو. اسلامي نظرياتي ڪائونسل چيو ته نڪاح کان اڳ ٿيليسيميا يا ٻين بيمارين کي بطور اختياري نڪاح نامي جو حصو بڻائي سگهجي ٿو، اسلامي نظرياتي ڪائونسل چيو ته زندگي خطري ۾ وجهڻ بنا انساني عضون جي پيوندڪاري به ڪري سگهجي ٿي.