| بنا تياري اي چالان ڪيئن لاڳو ٿيا؟ هاءِ ڪورٽ جو پڇاڻو |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ مرڪزي مسلم ليگ پاران اي چالان خلاف داخل درخواست تي سرڪاري وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته بنا ورڪنگ (تياري) جي اي چالان ڪيئن لاڳو ڪيو ويو؟ جنهن تي سنڌ حڪومت جواب داخل ڪرائڻ لاءِ مهلت طلب ڪري ورتي، جنهن بعد عدالت 15 جنوري تائين سنڌ حڪومت کان جواب طلب ڪري ورتو، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته انفرا اسٽرڪچر سڌارڻ بنا ڳرا چالان ڪرڻ عوام تي ظلم آهي.