| بنا نمبر پليٽ موٽر سائيڪلن خلاف ڪارروائي جو اعلان |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) آءِ جي جاويد عالم اوڍو جي صدارت هيٺ سي پي او ۾ ڪراچي ۾ ٽريفڪ انتظامن ۽ فيس ليس اي ٽڪيٽنگ سسٽم جي ڪارڪردگي بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڊي آءِ جي ٽريفڪ ڪراچي بريفنگ ڏيندي چيو ته عيد کانپوءِ بنا نمبر پليٽ موٽرسائيڪلون هلائيندڙن ۽ TRACS سسٽم تحت بليڪ لسٽ ڪيل 23 هزار گاڏين خلاف ڪارروائي شروع ڪئي ويندي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته 27 آڪٽوبر 2025 کان هينئر تائين لڳ ڀڳ 6 لک اي ٽڪيٽون ( چالان) جاري ڪيون ويون آهن، جاويد عالم اوڍو ڪراچي ۾ ٽريفڪ حادثن ۾ واڌ جو نوٽيس وٺي ڊي آءِ جي ٽريفڪ ڪراچي کي هدايت ڪئي ته واقعن جي شفاف ۽ جامع جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي.