بنون ڪينٽ تي دهشتگردن جو حملو: 12 شهري شهيد: 6 خارجي مارجي ويا
مارچ 5, 2025
بنون(مانيٽرنگ ڊيسڪ) بنون ڪينٽ تي دهشتگردن جي حملي ۾ 12 شهري شهيد، جوابي ڪارروائي ۾ 6 خوارج مارجي ويا. سيڪيورٽي ذريعن موجب افطار بعد دهشتگردن بنون ڪينٽ ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، جوانن جي بروقت ڪارروائي سبب خوارج وائڙا ٿي ويا، دهشتگردن بارود سان ڀريل 2 گاڏيون دروازي سان ٽڪرائي ڇڏيون، سيڪيورٽي فورسز جي فائرنگ ۾ 6 خوارج مارجي ويا. سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته بارود ڦاٽڻ سبب ڀرپاسي جي گهرن جون ڇتون ڊهڻ سبب 12 شهري شهيد ۽ 25 زخمي ٿيا آهن.
پشاور(م ڊ) پاڪ افغان سرحد وٽ ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿي ويو، پاڪستان ۽ افغان فورسز وچ ۾ جهڙپن دوران افغان فورسز جا 3 اهلڪار مارجي ويا، جڏهن ته 3 ايف سي جا جوان زخمي ٿي پيا. ڇڪتاڻ تيز ٿيڻ سبب سرحدي گذرگاهه تي آمدرفت بند ٿي وئي. سيڪيورٽي ذريعن موجب پاڪستان ۽ افغان فورسز وچ ۾ چڪرين جو سلسلو جاري رهيو، ٻنهي طرفن کان فائرنگ ۾ ننڍا وڏا هٿيار استعمال ڪيا ويا. 5 ڪلاڪن تائين فائرنگ جي ڏي وٺ رهي 3 ايف سي اهلڪار زخمي ٿي پيا، سيڪيورٽي فورسز جي جوابي ڪارروائي ۾ افغان فورسز جا 3 اهلڪار مارجي ويا. ڪسٽم عملدارن موجب پاڪ افغان طورخم واپاري گذرگاهه بند ٿيڻ سان ڏهاڙي 30 لک ڊالرز جو نقصان ٿئي ٿو. سيڪيورٽي ذريعن ٻڌايو ته سرڪاري کاتن جي اهلڪارن کي پهرين ئي لنڊي ڪوتل منتقل ڪيو ويو آهي، طورخم سرحدي گذرگاهه ۽ ڀرپاسي ۾ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ آهي، پاڪ افغان سرحد وٽ فورسز جا اضافي دستا مقرر آهن.