| بنون ۾ دهشتگردي بعد آپريشن، 22 خارجي مارجي ويا |
راولپنڊي (م ڊ) بنون ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ ڀارتي پراڪسي فتنته الخوارج جا 22 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن جي موجودگي جي ڳجهي اطلاع تي ضلعي بنون ۾ سيڪيورٽي فورسز ڪارروائي ڪئي جتي ڀارتي پراڪسي فتنته الخوارج سان تعلق رکندڙ دهشتگرد موجود هئا. 22 خوارج مارجي ويا آهن. پاڪ فوج جي ترجمان موجب ڪارروائي کان پوءِ ڪليئرنس ۽ سينيٽائزيشن آپريشن جاري آهي ته جيئن ڪنهن به روپوش دهشتگرد کي گرفتار ڪجي يا ٺڪاڻي لڳائي سگهجي. ٻئي طرف صدر آصف زرداري، وزيراعظم شهباز شريف ۽ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي به بنون ۾ آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي.