بنون ۾ دهشتگرد حملو، اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ پوليس اهلڪارن سميت 4 ڄڻا مارجي ويا، هٿيار ڦر

بنون ۾ دهشتگرد حملو، اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ پوليس اهلڪارن سميت 4 ڄڻا مارجي ويا، هٿيار ڦر

بنون(م ڊ) بنون ۾دهشتگردن جي حملي ۾اسسٽنٽ ڪمشنر اتر وزيرستان سميت 4 ڄڻا شهيد، پوليس ذريعن موجب بنون ۾ ميران شاهه روڊ  فلور ملز ڀرسان دهشتگردن جو پوليس جي گاڏيءَ تي حملو ڪيو، اتر وزيرستان جي اسسٽنٽ ڪمشنر شاهه ولي الله ۽ ٻن پوليس اهلڪارن سميت 4 ڄڻا شهيد ٿي ويا، 2 پوليس اهڪار زخمي  ٿي پيا، حملي آور  زخمي پوليس اهلڪارن جا هٿيار به کڻي ويا، اسسٽنٽ ڪمشنر بنون حملي جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته اسسٽنٽ ڪمشنر اتر وزيرستان جي گاڏي تي حملو ڪيو ويو، جنهن ۾ اسسٽنٽ ڪمشمنر ۽ ٻن پوليس اهلڪارن سميت 4 ڄڻا شهيد ٿي ويا، ڪي پي جي وڏي وزير سهيل آفريدي طرفان بنون ۾ دهشتگرد حملي  جي مذمت  ڪئي وئي، اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ٻن پوليس اهلڪارن سميت 4 ڄڻن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪندي آءِ جي پوليس کان واقعي جي تفصيلي رپورٽ طلب گهري ورتي.