بنون ۾ سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن، 3 دهشتگرد مارجي ويا، 2 زخمي
نومبر 22, 2024
بنون ۾ سڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران 3 خارجي دهشتگرد ماريا ويا، 2 زخمي، آءِ ايس پي آر موجب بنون ۾ سڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي اڄ صبح آپريشن ڪيو ويو، فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 3 دهشتگرد ماريا ويا ۽ 2 زخمي ٿي پيا، مارجي ويل خارجين وٽان هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ، آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل خارجي معصوم شهرين جي قتل ۽ سڪيورٽي فورسز تي حملن ۾ ملوث هئا