بنون ۾ فوج ايس او پيز موجب صحيح جواب ڏنو: ڊي جي آءِ ايس پي آر

جُولاءِ 22, 2024

راولپنڊي: ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته انتشار پسند گروپ بنون واقعي تي پروپيگنڊا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر پاڪ فوج ايس او پيز موجب صحيح جواب ڏنو

راولپنڊي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته 15 جولاءِ تي بنون ۾ اسان جا 8 جوان شهيد ٿيا پر اسان جي ماڻهن انهن حملي آورن کي ماري ڇڏيو سڀ دهشتگرد جهنم وصل ٿي ويا
هن چيو ته ميڙ کي ڪنٽرول ڪرڻ فوج جي نه پر صوبائي حڪومت جي ذميواري آهي
جيڪڏهن ڪو انتشار پسند گروهه اچي ٿو، انهن کي پهريان ڊيڄاريو ويندو آهي، پوء هوائي فائرنگ ڪئي ويندي آهي
جيڪڏهن اهو انتشار پسند گروپ بند نه ٿيو پوءِ ان سان جيڪو ڪرڻو آهي اهو ٿي چڪو آهي

ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف وڌيڪ چيو ته بنون واقعو ٿيو، عوام جو پرامن احتجاج هو، ٿيڻ گهرجي.
انهن دهشتگردن خلاف ڀرپور مارچ ٿيڻ گھرجي
ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته بنون جي ماڻهن چيو ته امن مارچ ڪنداسين، ان امن مارچ ۾ ڪجهه هٿياربند ماڻهو اڳ ۾ ئي شامل هئا، واپارين جي امن مارچ ۾ ڪجهه عنصر شامل ٿيا، انهن سپلائي ڊپو ۾ ڦرلٽ ڪئي ۽ اتي هڪ عارضي ڀت به ڊاهي پٽ ڪئي وئي
ان جاءِ کان هڪ ڪلوميٽر پري هٿياربندن فائرنگ ڪئي ۽ جاني نقصان ٿيو ان ڪري بنون ۾ فوج ايس او پيز موجب ڀرپور جواب ڏنو

پاڪ فوج جي ترجمان جي پريس ڪانفرنس ۾ بنون واقعي جي فوٽيجز جاري ڪيون ويون، جنهن ۾ ڏيکاريو ويو ته مظاهرين مان ڪيترائي هٿياربند هئا

لاڳاپيل پوسٽون

  • اسان جا ٻار حميرا اصغر جيان ڪو نه مرندا : فضا علي

  • لاڙڪاڻو: عورت رائيس ڪئنال ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو

  • آءِ ايم ايف جو ٽيڪس  ڇوٽ کان انڪار :  حڪومت 3 لک ٽن کنڊ درآمد ڪرڻ جو ٽينڊر واپس وٺي ڇڏيو

  • جمشيد دستي جا تعليمي سرٽيفڪيٽ جعلي قرار