| بنيان مرصوص ۾ شڪست بعد ڀارتي فوج کي جديد بڻائڻ جو اعلان |
نئين دهلي (م ڊ) هندستان جي وفاقي حڪومت دفاعي صلاحيتن کي وڌائڻ لاءِ 8.8 بلين ڊالر جي منصوبن جي منظوري ڏئي ڇڏي. دفاع واري وزارت مطابق اهي فيصلا دفاع واري وزارت جي اعليٰ ترين فيصلي ساز اداري، ڊفينس ايڪوزيشن ڪائونسل (ڊي اي سي) پاران ڪيا ويا. منظور ٿيل منصوبن ۾ زميني، بحري ۽ هوائي فوجن لاءِ مختلف سامان شامل آهي، جن ۾ اينٽي ايئر ڪرافٽ گولا بارود سسٽم، ريڊار، گائيڊڊ راڪيٽ گولا بارود ۽ ڊرون ڊيٽيڪشن سسٽم شامل آهن. دفاع واري وزير راج ناٿ سنگهه هڪ بيان ۾ چيو ته اڄ ڪيل فيصلا هٿياربند فوجن جي آپريشنل صلاحيتن کي وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا.