بنگالين جي ناراضگي جا سبب – III … انجنيئر اوڀايو خشڪ

                 ھن کان اڳ ۾ مون بنگالين جي ناراضگي جي سبين بنگالي ٻولي ۽ حڪومت سازي ۽ حڪومتي ڪار وهنوار ۾ بنگالين کي نظر انداز ڪرڻ متعلق لکيو آهي. اڄ وري اقتصادي نابرابري متعلق ڪجھ ڳالھيون ونڊ ڪرڻ  جي ڪوشش ڪندس.

                 حسين شهيد سهروردي پنهنجي ڪتاب ”حسين شهيد سهروردي جون يادون“ ۾ لکيو آهي ته 1960ع ۾ پهريون پنج سال منصوبو ختم ٿيڻ تي هو، منصوبه بندي ڪميشن طرفان ٻي پنج سال منصوبي تي ڪم شروع ڪيو ويو. اوڀر پاڪستان منصوبه بندي ڪميشن، اقوام متحده، هارورڊ يونيورسٽي ۽ فورڊ فائونڊيشن جي مدد سان منصوبه بندي ڪئي. جيئن ته آخري منظوري ڏيندڙ ادارا جهڙوڪر منصوبه بندي ڪميشن، خزانه، ڪامرس ۽ صنعت جون وزارتون ۽ مرڪزي مالياتي ادارا جن ۾ پاڪستان انڊسٽريل ڪريڊٽ ۽ انويسٽمينٽ ڪارپوريشن، پاڪستان انڊسٽريل فائننس ڪارپوريشن ۽ زرعي قرض ڏيندڙ ادارا ۽ بينڪون سڀ اولھ پاڪستان سان تعلق رکندڙ آفيسرن جي حوالي هئا، جن اوڀر پاڪستان جي ايندڙ پنج سال منصوبي ۾ رنڊڪون پيدا ڪيون. اولهه پاڪستان سان تعلق رکندڙ صنعتڪارن کي صنعتون لڳائڻ لاءِ ٻڌي جي اگهه سان نه صرف اجازت ناما ڏنا ويا پر انهن کي حڪومت طرفان پنجاهه سيڪڙو رعايت پڻ ڏني ويندي هئي. ٻي طرف اوڀر پاڪستان سان تعلق رکندڙ صنعتڪارن جون درخواستون معمولي ڳالهين تي رد ڪيون وينديون هيون. ائين اولھ پاڪستان ۾  صنعتن جو ڄار وڇائجي ويو. ان کان علاوه اولھ پاڪستان ۾ قائم صنعتن جي وري اوڀر پاڪستان ۾ لڳائڻ تي بندش هئي. ائين اوڀر پاڪستان (بنگال) صرف ڪاغذ، سڻي ۽ کنڊ جا ڪارخانا لڳائي سگهيو ٿي. ٻي طرف اوڀر پاڪستان وري اولھ پاڪستان ۾ تيار ٿيل مال جي منڊي ٿي ويو. ائين اوڀر پاڪستان صنعتي ترقي ۾ پوئتي رهجي ويو. (ص 154). هن وڌيڪ لکيو آهي ته ”جڏهن آئون ملڪ جو وزير اعظم ٽيس ته نوڪرشاهي جي مخالفت جي باوجود ملڪ ۾ صنعتن لاءِ موجود غيرملڪي مٽا سٽا  واري رقم مان ڪراچي لاءِ 15 سيڪڙو ۽ باقي 85 سيڪڙو ٻنهي صوبن ۾ برابر ورهائڻ جو فيصلو ڪيو. ان سان گڏ صوبن کي صنعتن لڳائڻ جو اختيار ڏنو ويو. ائين اوڀر پاڪستان ۾ ڪافي ڪارخانا قائم ٿيا. منهنجي وڃڻ کان پوءِ اها پاليسي ختم ڪئي وئي. مون کان پوءِ اوڀر پاڪستان ۾ سالن تائين ڪو به نئون ڪارخانو قائم نه ٿيو.

منصوبي بندي ڪميشن طرفان بي پنج سال منصوبي لاءِ اوڀر پاڪستان لاءِ 402 ملين روپيه ۽ اولھ پاڪستان لاءِ 9،000 ملين روپيه رکيا ويا. اوڀر پاڪستان جي احتجاج تي انهي تي نظرثاني ڪندي اوڀر پاڪستان لاءِ 8600 ملين روپيه ۽ اولھ پاڪستان لاءِ 10،000 ملين روپيه رکيا ويا. ملڪ جي مختلف ڪارخانن ۾ 1947ع کان 1969ع تائين پيداواري واڌ ۾ اضافي جا انگ اکر هيٺ ڏجن ٿا. انهيء مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته بنگالين سان ڪهڙو حشر ڪيو ويو.

1.ڪپڙي جا ڪارخانا:-  اولهه پاڪستان ۾ ڪپڙي جي پيداوار ۾ 1853 سيڪڙو واڌ آئي، جڏهن ته اوڀر پاڪستان ۾ 8 سيڪڙو.

2.کنڊ جا ڪارخانا:- 

 اولهه پاڪستان ۾ کنڊ جي پيداوار ۾ 294 سيڪڙو واڌ آئي، جڏهن ته اوڀر پاڪستان ۾ 43 سيڪڙو گهٽتائي آئي.

3.سيمنٽ جا ڪارخانا:-  اولهه پاڪستان ۾ سيمنٽ جي پيداوار ۾ 534 سيڪڙو واڌ آئي، جڏهن ته اوڀر پاڪستان ۾ 63 سيڪڙو واڌ آئي.(مھيسر ص 174-5)

تعليم جي ميدان ۾ پڻ بنگال کي نظر انداز ڪيو. ان جو اندازو هيٺ ڏنل انگن اکرن مان لڳائي سگهجي ٿو.

تعليم ۾ ترقي سال 1947 کان 1968 تائين.

1.پرائمري اسڪول اولھ پاڪستان ۾ پرائمري اسڪول ۾ چئوڻ تي واڌ آئي، جڏهن ته اوڀر پاڪستان ۾ پرائمري اسڪولن جو تعداد 29683 مان گهٽجي 28308 ٿي ويو.

2.سيڪنڊري اسڪول انهيء عرصي ۾ اولھ پاڪستان ۾ سيڪنڊري اسڪول 2598 مان وڌي 4472 ٿيو، جڏهن ته اوڀر پاڪستان اهو انگ 3481 مان وڌي 3914 ٿيو.

3.ڪاليج مٿين عرصي دوران اولهه پاڪستان ۾ 40 ڪاليجن مان وڌي 271 ڪاليج ٿيا، جڏهن ته اوڀر پاڪستان ۾ 50 مان وڌي 162 ڪاليج قائم ٿيا.

4.ميڊيڪل / انجنيئرنگ / زرعي ڪاليج اولھ پاڪستان ۾ انهن ادارن جو تعداد 4 مان وڌي 17 ٿيو، جڏهن اوڀر پاڪستان ۾ 3 کان وڌي 9 ٿيو.

5.يونيورسٽيون:- اولھ پاڪستان ۾ يونيورسٽين جو تعداد 2 کان وڌي 6 ٿيو، جڏهن ته اوڀر پاڪستان ۾ 1 کان 4 ٿيو.(مھيسر ص176-7)

ياد رهي ته پاڪستان ٺهڻ وقت سنڌ ۾ هڪ يونيورسٽي هئي، انهيء عرصي ۾ سنڌ ۾ صرف هڪ يونيورسٽي ٺاهي وئي، باقي سڀ پنجاب ۾ ٺهيون. تعليم جي ميدان ۾ مٿي ڏنل انگن اکرن مان اهو صاف نظر اچي ٿو ته پاڪستان ٺهڻ وقت بنگال (اوڀر پاڪستان ) ۾ اولهندي حصي جي مقابلي ۾ وڌيڪ تعليمي ادارا هئا. حسين شهيد سھروردي پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته ٻي پنج سالي منصوبي کان علاوه ڪجهه  ملڪن کان مليل قرض ۽ امداد اولھ پاڪستان ۾ اهڙڻ منصوبن تي خرچ ڪيو ويو، جيڪي پاڪستان ۾ ٻي پنج سال منصوبي کان علاوه هئا. جھڙوڪر،

1. 1800 ملين آمريڪي ڊالر جي انڊس بيسن اسڪيم،

2. 1000 آمريڪي ڊالر جي سم ۽ ڪلر تي ضابطي آڻڻ جو منصوبو. (سھروردي ص 155-6)

3. چين طرفان 1965ع ۾ ڏنل ڇهه ڪروڙ آمريڪي ڊالر جي قرضن مان اوڀر پاڪستان تي 125،000 آمريڪي ڊالر خرچ ڪيا ويا.

اوڀر پاڪستان ۾ هر سال ٻوڏون اينديون هيون، انهن تي ضابطي آڻڻ لاءِ ڪو به منصوبو نه ٺاهيو ويو هو. حسين شهيد اهو به لکيو آهي ته هن پنهنجي حڪومت جي دوران آمريڪي حڪومت کي انهيء سلسلي ۾ مدد لاءِ لکيو. آمريڪا طرفان جنرل ڪرگ کي پنهنجي ٽيم سميت موڪليو ويو، جنھڻ  ٻوڏ تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڪافي ڪارگر تجويزون ڏنيون هيون. هن جي حڪومت ختم ٿيڻ کان پوءِ انهن تجويزن کي ردي جي ٽوڪري جي حوالي ڪيو ويو. (ص 157).

جڏهن بنگال مان ساڻن ٿيندڙ زيادتين خلاف آواز اٿارڻ شروع ڪيا ته حڪومت بنگال ۾ 24 ڪپڙي جا ڪارخانا لڳائڻ جي اجازت ڏني، انهيء مان 22 ڪارخانن جا لائسنس اولهه پاڪستان جي سرمائيدارن کي ڏنا ويا. اوڀر پاڪستان ۾ موجود رٻڙ جي ڪارخانن ذريعي سائيڪل ۽ گاڏين جي ٽائرن ٺاهڻ جي اجازت نه ڏني وئي، اهي ڪارخانا وري اولهه پاڪستان ۾ قائم ڪيا ويا. حالانڪ ان لاءِ گهربل ڪچو مال اوڀر پاڪستان ۾ وڌيڪ سستي اگهه تي موجود هو (سهروردي ص 159).

ملڪ ۾ 1960ع ڌاري 9662 ميلن تي مشتمل سٺا رستا موجود هئا، انهيء مان بنگال ۾ صرف 900 ميل هئا. (سهروردي ص161 )

هيڏي وڏي تاريخي حادثي کان پوءِ به ملڪي اسٽيبلشمنٽ ڪو به سبق نه پرايو آهي. هن وقت رستن جي حوالي سان ساڳي ٻه اکيائي جاري آهي. پنجاب ۾ سي پيڪ منصوبي ۽ ٻين غير ملڪي فرضن مان تمام گهڻا موٽروي ٺاهيا ويا آهن. سنڌ ۾ ڪوبه موٽروي نه ٺهيل آهي. هڪ رستو ڄامشوري کان سيوهڻ تائين مرڪز طرفان منظور ڪيل آهي، جيڪو ڪافي سالن کان اڌورو پيو آهي. هڪ موٽروي حيدرآباد کان روهڙي تائين ڪافي سال اڳ مرڪزي حڪومت منظور ڪيو آهي، پر اهو اڃا تائين ڪاغذن ۾ موجود آهي. حالانڪ ڪراچي ۾ سامونڊي بندر هئڻ ڪري سڄي ملڪ جو وڻج واپار سنڌ ذريعي ٿئي ٿو. اتي سٺن رستن کي اهميت ڏيڻ کپندي هئي.

روانگي ۽ آمدني واپار جا تفصيل سال 1958 کان 1968 تائين:

1.غير ملڪي واپار:–

 اولھ پاڪستان مان 820 ملين پائونڊ جو مال ٻاهر موڪليو ويو ۽ 2315 ملين پائونڊ جو مال گھرايو ويو. اوڀر پاڪستان مان 1153 ملين پائونڊ جو مال ٻاهر ٻاهر موڪليو ويو ۽1000 ملين پائونڊ جو مال گھرايو ويو.

2.ملڪي واپار         

اولهه پاڪستان کان اوڀر پاڪستان ڏانهن روانگي واپار مان ۽ اتان گهرايل سامان جا تفصيل هن ريت آهن.

اولهه پاڪستان 5292 ملين روپيا. اوڀر پاڪستان 3174 ملين روپيا. (مھيسر ص172)

مٿي ڏنل روانگي ۽ آمدني واپار جي انگن اکرن مان صاف نظر اچي ٿو ته اوڀر پاڪستان جو غيرملڪي روانگي واپار جو حصو وڌيڪ هو، جڏهن ته ملڪ آمدني واپار جو حصو اوڀر پاڪستان ۾ گهٽ هو، ائين اوڀر پاڪستان جي ڪمائي اولهه پاڪستان تي خرچ ٿيڻ لڳي. ٻي طرف ملڪي واپار ۾ اولهه پاڪستان مان وڌيڪ رقم مال جو اوڀر پاڪستان موڪليو ۽ اتان گهربل مال جي رقم گهٽ هئڻ ڪري اوڀر پاڪستان جا مالي وسيلا اولهه پاڪستان ڏانهن منتقل ٿيندا رهيا. هڪ اندازي مطابق 1947ع کان 1961ع تائين اوڀر پاڪستان مان 4730 ملين روپين جا مالي وسيلا اولهه پاڪستان ڏانهن منتقل ٿيا. (سهروردي ص 158)

شاھ نواز مھيسر پنھڻڄي ڪتاب ´´مٿ اينڊ ريلٽي آف بنگلاديش“ ۾ لکيو آھي ته مجموعي طرح ترقياتي فنڊن مان اولهه پاڪستان (آبادي 40 سيڪڙو) کي 77 سيڪڙو رقم ڏني وئي، جڏهن ته اوڀر پاڪستان (آبادي 60 سيڪڙو) کي 23 سيڪڙو ڏنو ويو (ص173)

جڏهن غير ملڪي قرضڻ جي واپسي جو وقت آيو ته بنگال جي روانگي واپار مان ڪمايل رقم مان قرضن جي واپسي ڪئي وئي. مٿي ڏنل انگن اکرن مان اهو صاف ظاهر آهي ته غير ملڪي قرضن جو وڏو حصو اولهه پاڪستان تي خرچ ڪيو ويو.