| بنگالي اداڪار تسنيم خان ۽ روزا احمد ۾ طلاق ٿي وئي |
ڍاڪا (ڪلچرل ڊيسڪ) بنگلاديشي گلوڪار ۽ اداڪار تسنيم خان ۽ سندس ميڪ اپ آرٽسٽ زال روزا احمد الڳ ٿي ويا آهن، بنگلاديشي ميڊيا موجب تسنيم خان ۽ روزا احمد ڊگهي عرصي کان الڳ رهندا هئا، ٻنهي ۾ تعلق ختم ٿيڻ جي ويجهو هو. تسنيم خان عليحدگي جي تصديق ڪندي چيو ته هو ۽ روزا جولاءِ جي آخر کان الڳ رهندا آهن. هن چيو ته هو پنهنجي ذاتي زندگي بابت ڳالهائڻ نٿو چاهي پر شادي جي سالگرهه بابت گردش ڪندڙ غلط خبرن ڪري وضاحت ضروري هئي. ياد رهي ته تسنيم خان 4 جنوري 2025 تي بنا ڪنهن اڳواٽ اعلان جي ميڪ اپ آرٽسٽ روزا احمد سان شادي ڪئي، جنهن کي هو صرف چئن مهينن کان سڃاڻندو هو. روزا احمد هڪ تجربيڪار ميڪ اپ آرٽسٽ آهي ۽ نيويارڪ ۾ پنهنجو اسٽوڊيو پڻ هلائي ٿي. ٻنهي جي وچ ۾ عليحدگي جا سبب اڃا تائين ظاهر نه ڪيا ويا آهن.