| بنگالي ٽائيگرز تاريخ جوڙي ڇڏي: ڊارون ٽيسٽ ۾ آسٽريليا کي پنهنجي ئي سرزمين تي شڪست: حسن محمود 9 وڪيٽون وٺي ويو |
ڊارون (اسپورٽس نيوز) بنگلاديش آسٽريليا کي سيريز جي پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ شڪست ڏئي تاريخ رقم ڪري ڇڏي. حسن محمود 9 وڪيٽون وٺي ويو. تفصيل موجب ٻن ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرئين ٽيسٽ ميچ ۾ ڊارون جي ميدان تي چوٿين ڏينهن ئي فيصلو ٿي ويو، بنگلاديش 57 رنسن جو آسان هدف رڳو هڪ وڪيٽ وڃائي حاصل ڪري ورتو، مومن الحق 30 ۽ شادمان اسلام 25 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا، تنزيد حسن بنا ڪنهن رنس ٺاهڻ جي آئوٽ ٿي ويو، آسٽريليا طرفان جوش هيزل ووڊ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي . ان کان اڳ آسٽريليا ٻئين اننگ ۾ 284 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي، ڪيمرون گرين شاندار بيٽنگ ڪندي سينچري اسڪور ڪئي، هو 104 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو. بنگلاديشن طرفان مهدي حسن مرزا شاندار بالنگ ڪرائيندي 5 ۽ حسن محمود 3 وڪيٽون ورتيون. بنگلاديش آسٽريليا خلاف ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ پنهنجي پهرين ڪاميابي حاصل ڪئي، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ هن مهل تائين 5 ٽيسٽ ميچ کيڏيا ويا آهن جن ۾ آسٽريليا 4 کٽيا آهن، حسن محمود کي شاندار بالنگ 9 وڪيٽون وٺڻ تي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو